ڪراچي(ڪامرس نيوز) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان مطابق سيپٽمبر ۾ 76 ڪروڙ ڊالرن جا نيا پاڪستان سرٽيفڪيٽ وڪرو ڪيا ويا. سيپٽمبر تائين انهن سرٽيفڪيٽن ۾ 76 ڪروڙ ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿي آهي جيڪا آگسٽ ۾ 95 ڪروڙ ڊالر ۽ مارچ ۾ هڪ ارب 42 ڪروڙ ڊالر هئي. رپورٽ موجب مارچ کان نيا پاڪستان سرٽيفڪيٽن ۾ سيڙپڪاري گهٽجي رهي آهي. مارڪيٽ ماهر موجب ان جو هڪ سبب آمريڪا ۾ وياج شرح ۾ اضافو به آهي، آمريڪا ۾ ڊالر  سرٽيفڪيٽس ۾ سيڙپڪاري جي لاڳت ۾ اضافي سبب سڄي دنيا جا ريٽ ايڊجسٽ ٿي رهيا آهن. هن چيو ته نيا پاڪستان سرٽيفڪيٽن تي منافعو 7 سيڪڙو آهي جيڪو سياسي خدشن جو پريميئم شامل ڪرڻ تي گهٽ آهي ان لاءِ مارچ کان گهٽتائي نظر اچي رهي آهي.