ميرپورماٿيلو (ن پ ا) يارو لنڊ جي ڳوٺ پھلوان ملڪ جي رھواسڻ ماروي ملڪ ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج ميرپورماٿيلو جي عدالت ۾ وڪيل مراد لنڊ معرفت درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آھي ڌيءُ حاجاڻي کي مڙس علي بخش ملڪ، علي نواز ملڪ ۽ ٻين پنج ڏينھن اڳ گھران اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو ھو، اطلاع آھن ته ڌيءُ کي قتل ڪري لاش گم ڪيو ويو آھي، يارو لنڊ پولس ڪيس داخل ناهي ڪيو، عدالت درخواست داخل ٿيڻ کان پوءِ ٻڌڻي 15 جولاءِ تي رکندي ايس ايچ او يارو لنڊ کي طلب ڪيو آھي.