ڪنب (ن پ ا) ڪنب جي شاهي بازار ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل رٽائرڊ پوليس اهلڪار امداد حسين گوپانگ ۽ سندس پٽ عمران گوپانگ جي قتل جو ڪيس مقتول امدا حسين گوپانگ جي ڀيڻ بانو گوپانگ جي فرياد تي ڪنب ٿاڻي تي 12 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آھي، جوابدارن ۾ غلام مصطفيٰ گوپانگ، اطهر حسين گوپانگ، امير حسين گوپانگ، عاشق حسين گوپانگ، اسحاق گوپانگ ۽ ٻيا شامل آھن، ٻي طرف ڪنب ۽ مختلف ٿاڻن جي پوليس ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا هٿ اچي ناهن سگهيا.