نئون ديرو (ن پ ا) نئون ديرو ڀرسان 3 ڏينهن اڳ پير متارو پل ڀرسان رائيس ڪئنال مان مڇي مارڻ دوران ٻڏي ويل 12 ورهين جي سيف علي مڱڻيجو جو لاش رائيس ڪئنال مان هٿ ڪيو ويو آهي، لاش پاڻي ۾ ڏسي واٽهڙن پوليس کي اطلاع ڪيو، جنهن بعد پوليس پهچي لاش ڪڍرائي وارثن کي اطلاع ڪيو، جنهن بعد اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد نينگر جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.