نصيرآباد (ن پ ا) نصيرآباد مان کنڀي گم ڪيل سينگار نوناري جي آزادي لاءِ ٻارھين ڏينھن به وارثن ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران وات تي سواليا نشان پٽيون ٻڌي نوناري پاڙي کان آرٿرپل تائين مارچ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، سخت نعري بازي، ان موقعي تي عوامي ورڪرزپارٽي سنڌ جي صدر بخش ٿلھو، فوزيا سينگار، اسد بٽ ۽ ٻين چيو ته سينگار نوناري، صنعان قريشي، زين شاھ ۽ خالق جوڻيجي جو ڏوھ اھو آھي ته هو بحرياٽائون خلاف احتجاج ۾ ڌرتي ڌڻين سان گڏ بيٺا، هنن چيو ته سينگار صرف نصيرآباد جو نه پر سڄي سنڌ جو پورھيت اڳواڻ آھي، اڳواڻن چيو ته پورهيتن ۽ سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ تان ڪامريڊ سينگار نوناري کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جيڪا سراسر زيادتي آهي، عورت اڳواڻ بلقيس چيو ته سينگار نوناري ضرورت مندن جو سھارو رھيو آھي، اسان کان اسان جي سگھه کسي وئي آھي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي سينگار نوناري سميت سمورن کنڀيل ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي.