ڳڙھي ياسين (ن پ ا) 4 ڏينھن اڳ ڳڙھي ياسين ڀرسان ڳوٺ رئيس محمد نواز ديناري ۾ ڪارنھن جي پراڻي تڪرار تان مارجي ويل بشير ديناري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارث عورتن،مردن ۽ معصوم ٻارڙن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مقتول جي ماءُ مسمات موران خاتون ۽ زال الله وسائي دانيهندي چيو ته پوليس اسان جي مخالفن کان رشوت ورتي آهي، جنهن سبب 4 گذرڻ باوجود بيگناھ قتل ڪيل نوجوان بشير ديناري جي قاتلن کي گرفتار ناهي ڪيو ويو، هنن چيو ته اسان کي جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، غيرمحوظ آهيون، نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.