ڪراچي(شوبز نيوز)پاڪستان جي نالي واري اداڪاره مايا علي سوشل ميڊيا تي وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.اداڪاره پنهنجي ڪاميابي بابت سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ به رکي آهي. جنهن ۾ هن لکيو آهي ته انسٽاگرام تي هن جا 6 ملين فالوورز پورا ٿي چڪا آهن.ان ڪاميابي تي اداڪاره مايا علي پنهنجي تمام چاهيندڙن ۽ بي انتها مداحن جو جا ٿورا پڻ مڃيا.مايا علي چيو ته اهو لمحو مون لاءِ خاص هو ۽ مان ان لمحي کي توهان سڀني جي اڳيان شيئر ڪرڻ چاهيان ٿي.ياد رهي ته پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪاره پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکارڻ جي لاءِ فلمن ۽ ڊامن ۾ به ڪردار ادا ڪيو.مايا علي فيشن جي دنيا ۾ به حصو وٺي رهي آهي جنهن جو اندازو نئين وائرل ٿيل بولڊ واري تصوير مان لڳائي سگهجي ٿو.