لنڊن ( شوبز نيوز) وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي گهرواري ۽ برطانوي پروڊيوسر جمائما گولڊ سمٿ پاڪستاني رڪشي ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جمائما طرفان هڪ ٽوئيٽ ۾ چاهيندڙن کي پنهنجي فلم بابت پاڪستاني رڪشي جي ضرورت بابت آگاهه ڪيو.جمائما ٽوئيٽ ۾ برطانوي رهاڪو پاڪستاني شخص سان مخاطب ٿيندي چيو ته” اسان لنڊن ۾ ٺهندڙ فلم لاءِ پاڪستاني اسٽائل واري رڪشي جي ڳولها ۾ آهيون.ٽوئيٽ موجب جمائما کي ايندڙ هفتي ۽ جمعي جي ڏينهن شوٽنگ جي لاءِ پاڪستاني رڪشي جي ضرورت پوندي.جمائما برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستانين سان مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن ان حوالي سان ڪنهن کي ڪا ڄاڻ آهي يا رڪشو آهي ته اسان جي مدد ڪري.