ماهرا فرانس جي مشهورڪمپني کي ان فالو ڪري ڇڏيو

0
448
ڏوهاري جيل ويندا آهن، پر ٿيندو ڪجهه به ناهي: ماهره خان
ڏوهاري جيل ويندا آهن، پر ٿيندو ڪجهه به ناهي: ماهره خان

لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا ماهرا خان فرانس جي مشهورڪمپني کي ان فالو ڪري ڇڏيو. ميڊيا جي رپورٽن موجب اداڪارا ماهرا خان انسٽا گرام تي فرانس جي ڪمپني لوريل کي ان فالو ڪيو، اداڪارا کي ميڪ اپ جي نالي واري برانڊ لوريل جي برانڊ ايمبسڊر جو اعزاز حاصل ٿيل آهي ۽ هو اهو اعزاز حاصل ڪندڙ پهرين پاڪستاني اداڪارا آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ماهرا خان اهو قدم فلسطين سان تڪجهتي طور کنيو آهي پر تنهن هوندي ان حوالي سان ماهرا خان جو ڪو بيان سامهون نه آيو آهي.