مانجهند (ن پ ا) مانجھند جي مين پرائمري اسڪول جا 8 ڪمرا ٽينڊر ٿيڻ باوجود تعمير نه ٿي سگهيا آھن. تعليم کاتي جي اختيارين عمارت کي زبون قرار ڏئي خالي ڪرائڻ کي 2 سال گذرڻ باوجود ٺيڪيدار ڪم شروع نه ڪرائي سگهيو آھي، جنهن سبب سوين شاگرد سخت گرمي ۾ ڪمرن جي ورانڊي ۾ تعليم پرائي رهيا آھن، سندن تعليم سخت متاثر ٿيڻ لڳي آھي. اسڪول جي چوديواري ڪيترن هنڌن کان ڪري پٽ پيل آھي، جنهن سبب سيڪيورٽي سخت متاثر ٿي رهي آھي پر ايجوڪيشن ورڪس کاتو اگهو ننڊ ۾ ستل آھي، جڏھن ته ٺيڪيدار به گم آھي. رهواسين يوسف عمراڻي لياقت علي ملاح امير بخش خاصخيلي وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسڪول جا 8 ڪمرا فوري طور تعمير ڪرايا وڃن. اسڪول انچارج علي نواز خاصخيلي ٻڌايو ته اسڪول زبون هئڻ سبب سخت مشڪلاتون پيش اچن ٿيون.