ڄامشورو( رپورٽر) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جو 24هون ڪانووڪيشن يونيورسٽي جي مک آڊيٽوريم ۾ ٿي گذريو. ان موقعي تي سنڌ جي يونيورسٽيز اينڊ بورڊس کاتي جو وزير ۽ سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين جي پرو چانسلر محمد اسماعيل راهو خاص مهمان هو، ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته دنيا ۾ معاشي ترقي لاءِ ٽيڪنالاجي تمام اهم ڪردار ادا پئي ڪري، هن چيو ته ڪووڊ-19 کانپوءِ واري دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال عام حالتن کان وڌيو آهي. مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي چيو ته، ڪورونا کانپوءِ واري دنيا اسان جهڙن قومن ۽ ملڪن ته ڇا دنيا جي ترقي يافته قومن ۽ ملڪن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، دنيا سڄي ڪافي معاملن تي اڃان تائين مونجهارن جو شڪار آهي. هن چيو ته مهراڻ يونيورسٽي ڊگري رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻِين جي مارڪيٽ ۾ ڪارڪردگي کان وڏي يونيورسٽي جي ٻي ڪا رينڪنگ ناهي. مهراڻ جي شاگردن جي ڪارڪردگي آهي جو ان کي قطر، چائنا، آمريڪا ۽ تازو هريپور ۾ ايوارڊ مليا آهن. ڪانوڪيشن ۾ ٽوٽل 950 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊگريون، گولڊ ميڊل، سلور ميڊل ۽ ميرٽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. مهراڻ يونيورسٽي جي انجنيئرنگ فئڪلٽي جي ٽاپ ۽ بيسٽ گريجوئيٽ هجڻ جو اعزاز ٽيڪسٽائل انجنيئرنگ شعبي جي امـ حبيبه ولد غلام نبي ميمڻ ٻن گولڊ ميڊلس ۽ هڪڙي سلور ميڊل کڻي ماڻي ورتو، جڏهن ته فئڪلٽي آف اليڪٽريڪل، اليڪٽرانڪس ۽ ڪمپيوٽر سسٽم انجنيرئنگ جي اليڪٽرانڪس شعبي جي شاگرد مصور حسين ولد محمد اويس آرائين فئڪلٽي ٽاپ ۽ بيسٽ گريجوئيٽ طور ٻه گولڊ ميڊل ۽ هڪڙو سلور ميڊل حاصل ڪيو. ڪانوڪيشن ۾ 11 پي ايڇ ڊي ۽ 95 ايم فل ۽ ماسٽرس اسڪالرس ڊگريون حاصل ڪيون.