جوهي (رپورٽ:ايم بي ٻٻر) جوهي ۾ سيپڪو گردي خلاف هزارين شهري رستن تي نڪري آيا، شهر ۾ 16 ۽ ٻهراڙين ۾ 20 ڪلاڪ بجلي بند هجڻ خلاف سياسي، مذهبي اڳواڻن، واپارين ۽ نوجوانن 2 ڪلوميٽر مارچ ڪري گرڊ اسٽيشن اڳيان 10 ڪلاڪن کان وڌيڪ ڌرڻو هنيو. انجنيئر کي شهرين احتجاج ختم ڪرڻ جواب ڏئي ڇڏيو، احتجاج ڪندڙ شهرين ڌرڻي واري هنڌ ماني کائڻ سان گڏ نماز به ادا ڪئي. مختلف پارٽين جي اڳواڻن ۽ شهرين قربان کوکر، محمد هاشم کوسو، امين وگهيو، غلام قادر لغاري، يونس سولنگي، نقاد ٿهيم، اعجاز جمالي، جمن سنڌي، شاعر خليل عارف سومرو، هارون پنهور، خادم جسڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. ان دوران ايس ٽي پي دادو جي صدر پير گنمبل شاهه، سردار علڻ خان لغاري، نور محمد شاهه، مولانا غلام مصطفيٰ لاشاري، پ پ شهيد ڀٽو تعلقي دادو جي صدر امام بخش کوسو، قومپرست اڳواڻ نياز پنهور. ۽ ٻين ڌرڻي ۾ پهچي احتجاج ڪندڙن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. اڳواڻن الزام هنيو ته سيپڪو جوهي ۾ 20 ورهين کان مقرر عملو بجلي چوري ۾ ملوث آهي، جنهن ڪري گرڊ ٻاهران ڊي فٽنگ ڪري شهر ۾ 16 ۽ ٻهراڙين ۾ 18 کان 20 ڪلاڪ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي پئي. قهر جي گرمي ۾ معصوم ٻار، پيرسن توڙي مريض عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. اڳواڻن چيو ته هٿرادو لوڊشيڊنگ سبب شهر جو ڪاروبار تباهه ٿي ويو آهي، شاگردن جي تعليم متاثر ٿي آهي. سيپڪو دادو جو انجنيئر عبدالستار چنا،ايس ڊي او گلاب رستماڻي، ضلعي دادو فوڪل پرسن رجب شاهاڻي ۽ تعلقي ڪو آرڊينيٽر حيدر سيال ڌرڻي ۾ پهچي احتجاج ڪندڙ شهرين کي احتجاج ختم ڪرڻ جو چيو، جنهن تي اڳواڻن چيو ته اڳ به توهان اسان سان ڪوڙا واعدا ڪري وري گم ٿي ويا هيا، احتجاج ختم نه ڪنداسين، شهر جي برک واپارين ۽ خارڪانيدارن سيٺ منظور جمالي، سيٺ يامين کوسو، عبداللطيف پنهور، غلام شبير لاشاري، منظور ٻٻر، رحيم سرهيو، اسدالله ۽ ٻيا پڻ احتجاج ۾ شرڪت ڪئي. شهرين سمهڻي واري نماز پڻ ڌرڻي واري هنڌ ادا ڪئي. واپارين چيو ته شهر سميت علائقي جي معيشت تباهه ٿي ويا آهن.