گهوٽ ڪنوار کي ڊانس مهانگو پئجي ويو، مهمانن جي سامهون ڪري پيا

0
311

ڪراچي(م ڊ) شادي جي تقريبن ۾ اڪثر اهڙا واقعا ٿيندا رهندا آهن جيڪي سڄي زندگي لاءِ ياد رهجي ويندا آهن.
سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڏسي گهجي ٿو ته گهوٽ ڪنوار ڊانس ڪندي ڪري ٿا پون، پر هنن جي خود اعتمادي ۾ ذرو به فرق نٿو اچي ۽ هو پنهنجي رقص کي جاري رکيل آهن.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته گهوٽ ۽ ڪنوار هال ۾ هٿن ۾ هٿ ڏئي ڊانس ڪندي داخل ٿين ٿا ۽ ٻئي خوشي مان ايتري قدر مست ٿي وڃن ٿا جو گهوٽ ڪنوار کي پنهنجي پٺيءَ تي کڻي ٿو پر بدقسمي سان توازن برقرار نٿو رکي سگهي.
گهوٽ ڪرندي ڪرندي بچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر ٻئي ڀريل هال ۾ مهمانن جي سامهون ڪري ٿا پون ۽ ان ئي وقت جوڙو اٿي ڪري وري ڊانس ڪرڻ شروع ٿو ڪري.
انسٽا گرام تي موجود هن وڊيو تي دلچسپ تبصرا ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته صارفين هنن جي زنده دلي جي واکاڻ به ڪري رهيا آهن.