جاتي (ن پ ا) جاتي شهر جي مين گرلس پرائمري اسڪول جو مرمتي ڪم گذريل 4 سالن کان مڪمل نه ٿي سگهيوآهي، اسڪولي عمارت اڻپوري هجڻ ڪري معصوم نياڻين جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي، ان حوالي سان اسڪول جي ڪلارڪ امين ٻارڻ، سوامر خاصخيلي، انور ميمڻ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ٺيڪيدار عمارت جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي ڪرپشن ڪري فرار ٿي ويو آهي، هنن چيو ته اسڪولي عمارت جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ سبب نياڻين جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسڪولي عمارت جو ڪم مڪمل ڪرائي سهولتون ڏنيون وڃن.