نوابشاهه (بيورو رپورٽ) قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي انرجي انوائرمينٽ ڊپارٽمينٽ پاران ماحول کي گدلاڻ کان بچائڻ نوان لاڙا متعارف ڪرائڻ ۽ ماحولياتي گدلاڻ جا بنيادي ڪارڻ ڪھڙا آھن جي موضوع تي پنجين نيشنل ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ ملڪ جي مخلتف يونيورسٽين جي ماھر ماحوليات پروفيسرن سميت مختلف مڪتب فڪر جي ماڻھن شرڪت ڪئي، ڪانفرنس ۾ ڳالھائيندي مھراڻ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر  اسلم عقيلي، پروفيسر ڊاڪٽر نور احمد ميمڻ، پروفيسر ڊاڪٽر ڪشن چند مڪواڻو، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقيوم جکراڻي، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالفتاح چانڊيو ۽ ٻين چيو ته نيشنل ڪانفرنس جو مقصد ماحول کي گدلاڻ کان بچائڻ، نوان لاڙا متعارف ڪرائڻ ۽ گدلاڻ جا بنيادي ڪارڻ ڪھڙا آھن بابت آگاهي ڏيڻ آهي، ھنن چيو ته دنيا ۾ ماحول جي تبديلي جي ڪري زمين خراب ٿيڻ سان پاڻي خراب ٿي رھيو آھي، جنھن ڪري تباھي ٿي رھي آھي، جنھن ڪري اسان سڀني کي ماحولياتي گدلاڻ کي بھتر ڪرڻ بابت آگاھي ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.