ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) وڪيل محمد نواز بنگوار ڊي سي سميت روينيو عملدارن کي قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ ياداشتي ليٽر اماڻي ڇڏيو. وڪيل محمد نواز بنگوار پاران اهڙو ليٽر موڪلڻ بعد ڊي سي سرڪاري اسڪولن اڳيان ٿيل قبضن کي ختم ڪرايو. وڪيل محمد نواز بنگوار جو چوڻ هو ته ڪير شهر جي وارثي ڪري يا نه شهرين جي حقن لاءِ آواز اٿاريندو رهندس. ٻئي طرف وڪيل عبدالصمد بجاراڻي جو چوڻ هو ته سيشن جج کي به آگاهي ڏينداسين ته شهر ۾ سرڪاري زمينن تي قبضا ٿين ٿا، جنهن کي روڪيو وڃي.