ماتلي (ن پ ا) ماتلي  جي ڦلڪارا چوڪ ۾ لڳل بجلي جو ٽرانسفارمر گذريل ھڪ مھيني کان خراب ھجڻ خلاف علائقي واسين ۽ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن پاران ريلي ڪڍي بس اسٽاپ چوڪ تي ڌرڻو ھڻي احتجاج ڪيو ويو. ڌرڻي کي خطاب ڪندي اسلم مھندو ، گل محمد شاھ ، ذوالفقار شاھ ، خالد مگسي ۽ ٻين چيو ته شھر جي مک ڪاروباري علاٽٔقي ڦلڪارا چوڪ ۾ لڳل بجلي جو ٽرانسفارمر گزيل مھيني خراب ٿي ويو ھو پر اڃان تائين اھو تبديل نه ڪيو ويو آھي جنهن سان ڪاروبار متاثر ٿي رھيو آھي .ھنن چيو ته بار بار حيسڪو اختيارين کي شڪايتن باوجود ٽرانسفارمر تبديل نه ڪيو ويو آھي . ھنن ٽرانسفارمر جي فوري تبديلي جي گھر ڪئي .