ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ 4 ڏينھن اڳ ميھڙ جي منظور ڪالوني ۾ ھٿياربندن ھٿان تشدد ڪري قتل ٿيل نوجوان صداقت گاڏھي جا قاتل جوابدارن جي گرفتاري لا۽ گاڏھي برادري جي مردن ، عورتن پاران رزاق گاڏھي ، وحيد گاڏھي ، شمن گاڏھي جي اڳواڻي ۾ ميھڙ جي اٽڪ پمپ ٻيٽو روڊ وٽ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. ڌرڻي سبب لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي ڏانھن ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون مظاھرين قاتل جوابدارن جي گرفتاري لاء سخت نعريبازي ڪئي ھنن چيو تہ افسوس جو اسان جي نوجوان جي قتل کي 4 ڏينھن گذري ويا پر ميھڙ پوليس واقعي جو ڪيس داخل ناھي ڪيو نہ ئي وري قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪيا آھن ھنن چيو تہ ايس ايڇ او اي سيڪشن اصغر شاھ اسان جي فون بہ نہ پيو کڻي ۽ ھو ٿاڻي تان بہ گم آھي ھنن چيو تہ پوليس قاتل جوابدارن جي گرفتاري کان لنوائي رھي آھي. ھنن گھر ڪئي تہ قتل ٿيل نوجوان صداقت گاڏھي جو قتل ڪيس داخل ڪري قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.