حيدرآباد( بيورو رپورٽ) حيدرآباد ضلعي ۾ قائم ريليف ڪيمپس ۾ بيمارين ديرو ڄمائي ورتو آهن ان ڏس ۾ صحت کاتي پاران ٻوڏ متاثر ماڻهن جي علاج بابت رپورٽ جاري ڪندي ڄاڻايو ويو ته گذريل هڪ مهيني دوران رليف ڪئمپن ۾ 11 هزار 77 ماڻهون ڊائريا جو شڪار ٿيا آهن جڏهن ته12 هزار 165 ٻوڏ متاثر چمڙي جي بيمارين۾ به مبتلا رهيا، رپورٽ موجب رليف ڪئمپن ۾ اکين جي بيماري به عام ٿي وئي آهي جنهن سبب مهيني دوران اکين جي انفيڪشن جا 2 هزار 707 ڪيسز رپورٽ ٿيا،صحت کاتي موجب ته رليف ڪئمپن ۾ مليريا جا 4 هزار 564 شڪي مريض سامهون آيا جن مان 149متاثرن کي مليريا جي تصديق به ٿي جڏهن ته ڪئمپن ۾ 13 هزار 114 ماڻهن کي ساه جي تڪليف به ٿي هئي جن جو علاج ڪيو ويو مهيني دوران مجموعي طور تي 65 هزار 796 ماڻهن جو علاج ڪيو ويو، جڏهن ته رليف ڪئمپن ۾ ترسيل هڪ هزار 813 ڳورهارين عورتن لاءِ گائني وارڊز جي طرز تي الڳ ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪيون ويون جتي هن وقت تائين 23 کان مٿي عورتن ٻارن کي پڻ جنم ڏنو آهي.