گھوڙاٻاري ( رپورٽ: مختيار جان چانڊيو) گھوڙاٻاري روڊ تي ٺٽي جي ٻن مشھور درگاھن پير پٺي  ۽ سخي ڏاتار جميل شاھ گرناري ڀرسان محمد بن قاسم جي دور جي ٻن مھرابن ۽ پنج  گنبذ واري مسجد جا  ڪٻا برساتن سبب ڊھي ويا آھن. تاريخي ماڳ  مڪلي جي آخري تي ٻن مھرابن  واري مسجد ڀرسان 80 فوٽن جو ٽاور ٺهرايو ويو  هو، ٽاور پڻ زبون ٿي ويو آهي. سنڌ جي سياحت ثقافت کاتي پاران 2017ع ۾ مرمت ڪرائي وئي ھئي پر ناقص  مٽيريل استعمال ڪري ٿورڙي ئي عرصي اندر  مسجد شريف جي پنج  گنبذن مان 2 برساتن ڪري شھيد ٿي ويا آھن، جنھن ڪري ھن تاريخي مسجد ماڳ مڪانن جي سونھن ختم ٿي وئي آھي. ھن  مسجد  شريف ۾ پير پٺي جي آس پاس ۾  رھندڙ ڳوٺاڻا عيد نماز ادا ڪندا آھن مسجد ۾ پاڻي  ۽ وضو خاني واش روم جي سھولت نه ھجڻ ڪري نمازين کي وڏين  مشڪلاتن جو منھن ڏسڻو پئجي رھيو آھي. ڳوٺ اسماعيل سونپار ڳوٺ اڀايو نوحاڻي  جي ڳوٺاڻن کي صاف پاڻي جي فراھمي لاء واٽر سپلاء پير پٺو جي پائپ لائن وڇائڻ جو ڪم ھلندڙ آھي، سماجي اڳواڻن نظير خشڪ، ڊاڪٽر عبدالحڪيم، اسلم، غلام مصطفيٰ،  عبدالعزيز ۽ عبدالرحمان خشڪ ۽ ٻين سياحت ثقافت کاتي سنڌ جي صوبائي وزير کي اپيل ڪئي آھي ته ٻن مھرابن واري تاريخي مسجد  جي  شھيد ٿي ويل گنبذن جي ترت مرمت ڪرائي تاريخي قبرستان  ۽  مسجد  کي پاڻي جي فراھمي کي يقيني بنائي وڃي.  پير پٺي، سخي ڏاتار جي آس پاس ۾ قديم آثارن جي اجڙندڙ رونقن ۽  خوبصورتي کي محفوظ ڪيو وڃي ۽ شھيد عبدالمالڪ  خشڪ  جي مقبري ۽ مسجد ڏانھن ويندڙ روڊ جي مرمت ڪرائي وڃي  پاڻي جي ٽانڪي جي مرمت ڪرائي  قبرستان ايندڙ ماڻھن کي سھولتون فراھم ڪيون وڃن.