لکي غلام شاھ (ن پ ا) لکي غلام شاھ ٿاڻي جي حد جمالي ڦاٽڪ ويجهو لنڪ روڊ تي رات دير سان پوليس مقابلي ۾ 2 جوابدارن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي، ٻنهي ڄڻن جا لاش سول اسپتال لکي غلام شاھ پهچايا ويا، جتي مارجي ويلن جي سڃاڻپ ڳڙهي تيغو واسي 30 ورهين جي ممتاز پٽ جاڳڻ تيغاڻي ۽ 32 ورهين جي ساجن پٽ وڏڻ تيغاڻي طور ڪئي وئي، ان حوالي سان لکي غلام شاھ ٿاڻي جي ايس ايچ او محمد يوسف ناريجو ٻڌايو ته رات جو دير سان پوليس گشت دوران لنڪ روڊ تي ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ 2 ڏهاري مارجي ويا آهن ۽ 4 ڄڻا اوندهه جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا، هوڏانهن ٻنهي ڄڻن جا لاش وصول ڪرڻ لاءِ آيل ساجن تيغاڻي جي امڙ مسمات حاجران ممتاز تيغاڻي، ڀيڻ فاطما پنهنجي اخبار ڳالهائيندي چيو ته آچر جي ڏينهن شڪارپور شھر جي هوٽل تي چانھه پيئڻ لاءِ ويٺل اسان جي ٻنهي نوجوانن کي پوليس پڪڙي رات جو دير سان لکي غلام شاھ ۾ ڪوڙو مقابلو ڏيکاري ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي، ٻنهي نوجوانن کي بيگناهه قتل ڪري اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف لکي غلام شاھ ٿاڻي تي سرڪار طرفان 6 جوابدارن خلاف پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.سول اسپتال لکي غلام شاھ مان پوسٽ مارٽم بعد ٻنهي نوجوانن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.