پشاور(م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل قومي احتساب بيورو(نيب) خيبرپختونخواهه سليم شهزاد جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن. عدالت سليم شهزاد جا اهلڪار خطاب گل کي تشدد جو نشانو بنائڻ واري ڪيس ۾ وارنٽ جاري ڪيا. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل چيو ته عدالت جي حڪم تي سليم شهزاد خلاف 2015 ۾ پنهنجي اهلڪار خطاب گل تي تشدد ڪرڻ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. سيشن ڪورٽ کيس سيپٽمبر ۾ بري ڪيو. عدالت سيشن ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي. بريت کي خطاب گل جي ڌيءَ صائقه هاءِ ڪورٽ ۾ چيئلينج ڪيو آهي. سيشن ڪورٽ خطاب گل جي ميڊيڪل رپورٽ کي نظر انداز ڪيو. پشاور هاءِ ڪورٽ سليم شهزاد جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو