ٺل/لکي غلام شاهه (نمائندن وٽان) لکي غلام شاهه ويجهو اغوا ٿيل ٻن ڄڻن کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي، احتجاج ڪندڙ 120 ڄڻن تي ڪيس داخل. خبر موجب لکي غلام شاهه ويجهو اغوا ٿيل ٺل واسي مجيد سرڪي ۽ ڳوٺاڻي سونهارو پهوڙ کي پوليس اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي. هوڏانهن لکي غلام شاھ لڳ ٻنهي مغوين جي بازيابي لاءِ گذريل ڏينهن سکر شڪارپور لاڙڪاڻو روڊ تي هنيل ڌرڻي جو 120 ڄڻن خلاف لکي غلام شاهه پوليس جي اي ايس آءِ عبدالڪريم بروهي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ 50 سڃاتل ۽ 70 نامعلوم ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جوابدارن ۾ سردار ذوالفقار سرڪي، مشتاق سرڪي، سليم الله مهر، ارباب ڪلهوڙو، قاري وحيد بروهي، صادق انصاري، غلام علي ملڪ، عبدالواحد ڀٽو، مهتاب دايو، شعيب پٺاڻ، عمران شاهه، نذير لاکو، ڪامريڊ دلمراد جتوئي، بشير آڪاش قريشي، بشير ڪلهوڙو ۽ ٻيا شامل آهن. ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آھي ته هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻھن لٺيون ۽ ڏنڊا کڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ حڪومت جي رٽ کي متاثر ڪندي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ٽريفڪ بند ڪرڻ سان گڏ انتظاميا خلاف اشتيال انگيز تقريرون ڪري عام شھرين کي ڀڙڪايو، ھوڏانهن ٺل جي سياسي سماجي اڳواڻن محبوب علي سومرو، مير احمد علي سرڪي ۽ ٻين ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪندي مغوين جي بازيابي جي گهر ڪئي آھي.