قبوسعيدخان/شهدادڪوٽ (نمائندن وٽان) قبوسعيدخان ويجهو امام بخش جمالي ٿاڻي جي حد ڳوٺ يار محمد کهاوڙ واسي 40 ورهين جي محمد خان سيلرو جو لنڪ روڊ وٽان گنداخا شاخ مان تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته لاش ڀرسان موٽرسائيڪل پڻ ملي آهي. اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد تعلقه اسپتال شهدادڪوٽ منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتي جي ڀاءُ حاجي خان سيلرو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته سندس ڀاءُ جو تشدد ٿيل لاش امام بخش ڀرسان گنداخا شاخ مان ھٿ آيو آهي، ھن چيو ته اسان کي شڪ آهي ته ڀاءُ کي قتل ڪري لاش گنداخا شاخ ۾ لوڙھيو ويو آهي، جنهن ڪري لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي.