سکر:پني عاقل جي رھواسين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

0
346

سکر (بيورو رپورٽ) پني عاقل جي رهواسين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو، مظاهري ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شريڪ ٿيا، مظاهرين جي هٿن ۾ پاڪ ڪتاب ۽ پوليس خلاف بينر کنيل هئا،پنج ڏينهن اڳ جوابدارن حبيب الله، مجيب، سهڻو مهر ۽ ٻين رحمت الله مهر کي قتل ڪيو هو، مظاھرين جو چوڻ ھو تھ اهڙي ايف آءِ آر رضا ڳوٺ ٿاڻي تي داخل ٿيل آهن، ڊي ايس پي قلندر بخش سومرو جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ ٺاھھ لاءِ آفيس گھرايو، ڊي ايس پي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪندڙ ٽن ڄڻن وزير، عبدالغفور مهر ۽ امجد کي بيگناهه گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آھي، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران اسان جي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري زبردستي ٺاھھ لاءِ تنگ ري رهي آهي، پوليس بااثر جوابدارن کي سپورٽ ڪري رهي آهي.