لٿوانيا جي شهري برف ۾ ويهڻ جو رڪارڊ جوڙي ورتو

0
197

ولنيئس( دلچسپ نيوز) لٿوانيا جي شهري برف ۾ ويهڻ جو رڪارڊ جوڙي ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب لٿوانيا جي شهري ويلران رومانوفسڪي لاڳيتو 3 ڪلاڪ ۽ هڪ منٽ برف ۾ ويهي عالمي رڪارڊ جوري ورتو آهي.

راڄڌاني ولنيئس جي مک چوڪ تي مقابلو ڏسڻ لاءِ ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو جڏهن ته گنيزبڪ آف دي ورلڊ رڪارڊ انتظاميا جي نمائندن نگراني پڻ ڪئي.برف ۾ وڌيڪ وقت ويهڻ جو اڳوڻو رڪارڊ رومين وانڊن ڊورپ وٽ هو جنهن ڊسمبر 2020 ۾ 2 ڪلاڪ 35 منٽن تائين برف ۾ ويهي اهو رڪارڊ جوڙيو هو.