اسلام آباد (م ڊ) ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڪارڪنن اسلام آباد ڏانهن مارچ شروع ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جهڙپن ۾ 3 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن.حڪومتي ذريعن موجب ساڌوڪي ۾ پوليس ڪالعدم تنظيم جي ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي هدايت ڪئي، پوءِ اهلڪار لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي، جنهن جي جواب ۾ احتجاج ڪندڙ پٿراءُ ڪيو.ساڌوڪي ۾ جهڙپن دوران ڪيترائي احتجاج ڪندڙ ۽ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته احتجاج سبب مقامي آبادي متاثر ٿي ۽ جي ٽي روڊ تي ٽريفڪ معطل آهي.6 ڏينهن کان جاري احتجاج سبب شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ پوليس مارچ کي روڪڻ لاءِ رستا بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن.ڪالعدم تنظيم جي احتجاج ۾ وڌيڪ 4پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته احتجاج دوران تشدد سان ڪيترائي پوليس اهلڪار زخمي پڻ ٿيا آهن. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور ۾ به 2 اهلڪار شهيد ٿيا هئا. هوڏانهن راولپنڊي ۾ به سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، پوليس اسلام آباد ۽ راولپنڊي کي ملائيندڙ مرڪزي شاهراهه سيل ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سبب متبادل رستن تي ٽريفڪ سخت جام ٿي وئي آهي ۽ شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ٻئي طرف ڪالعدم تنظيم جو مارچ روڪڻ لاءِ ساڌوڪي ۾ شهر کان ٻاهر پوليس خندق کوٽي ڇڏي آهي

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي ڪابينا ڪالعدم قرار ڏنل تحريڪ لبيڪ جي لانگ مارچ کي طاقت جي زور تي روڪڻ ، لانگ مارچ کي ڪنهن به صورت ۾ جهلم کان اڳتي وڌڻ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪندي پنجاب ۾ رينجرز مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪالعدم قرار ڏنل تحريڪ لبيڪ سياسي پارٽي نه پر مليٽنٽ گروپ آهي، وفاقي ڪابينا واضح طور فيصلو ڪيو آهي ته ان قسم جي عمل کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، تفصيل موجب وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو، ذريعن مطابق وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪالعدم قرار ڏنل تحريڪ لبيڪ جي اسلام آباد طرف لانگ مارچ کي طاقت جي زور تي روڪڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪالعدم قرار ڏنل تحريڪ لبيڪ جي لانگ مارچ کي ڪنهن به صورت ۾ اسلام آباد طرف اچڻ نه ڏنو ويندو، ذريعن مطابق ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پوليس وارن کي مارڻ سياسي ڪارڪنن جو نه پر دهشتگردن جو ڪم آهي، رياست جي رٽ قائم ڪئي ويندي، اجلاس کان پوءِ ٿيل فيصلن بابت پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ بلڪل واضح فيصلو ڪيوويو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ ان قسم جي سرگرمين کي برداشت نه ڪيو ويندو، رياست جي رٽ کي چيلينج ڪرڻ واري عمل کي برداشت نه ڪيو ويندو، مان انهن ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏيان جن کي غلط فهمي آهي ته رياست پاڪستان القاعده جهڙي وڏي دهشتگرد تنظيم کي شڪست ڏني آهي، اسان وڏين دهشتگردن تنظيمن کي هتي مٽي چٽرائي آهي ڪو به رياست پاڪستان کي ڪمزور سمجهڻ جي غلطي نه ڪري، تحريڪ لبيڪ جي ڪا حيثيت ناهي، تحريڪ لبيڪ وٽ وڏين وڏين دهشتگردن تنظيمن جيترا هٿيار ناهن نه ئي اها سمجهي ته اها رياست کي بليڪ ميل ڪري سگهي ٿي، ڪنهن ماءُ جي پٽ ۾ جرئت ناهي ته رياست پاڪستان کي بليڪ ميل ڪري سگهي، هن چيو ته ڪجهه دير پهريان 27 ڪلاشنڪوف بردار هن تحريڪ ۾ شامل ٿيا آهن، سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اسان هٿ تي هٿ رکي ويٺل رهون، هن چيو ته ڪالهه وزيراعظم جي صدارت ۾ به اجلاس ٿيو هو، جنهن ۾ پاڪ فوج، پاڪستان جي انٽيليجنس ادارن ۽ تمام لاڳاپيل اختيارين ان ۾ شرڪت ڪئي، واضح طور تي پاليسي فيصلو ڪيوويو آهي ته ڪالعدم قرار ڏنل تحريڪ لبيڪ کي هاڻي مليٽنٽ تنظيم طور ٽريٽ ڪيو ويندو، هن چيو ته ڀارت سميت پرڏيهي ملڪن کان ٽي ايل پي کي سوشل ميڊيا تي حمايت ملي رهي آهي اسان انهن ملڪن سان به رابطو ڪري رهيا آهيون ته انهن ماڻهن کي اتان ڪڍيو وڃي، پي ٽي آءِ کي به هدايتون جاري ڪيون آهن، جيڪي سوشل ميڊيا تي جعلي خبرون ڦهلائڻ ۾ رڌل آهن انهن خلاف به ڏسندئو ته سخت ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته تحريڪ لبيڪ جو جيڪو احتجاج ٿي رهيو آهي ان ۾ سڀ کان اڳيان پوليس هوندي، ان کان پوءِ رينجرز ۽ پوءِ پاڪ فوج مقرر ٿيندي، پوليس، رينجرز ۽ فوج گڏيل طور تي آپريشن ڪندا. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هنن سان ٻن مهينن کان ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين، هنن سان هاڻي ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون جيڪي چون ته جيڪو اسان جو آهي اهو اسان جو آهي جيڪو توهان جو مامرو آهي اهو به اسان جو آهي، ائين ته ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن، رياست انهن کي پهريان ئي گهڻو موقعو ڏنو آهي انهن سان نرم رويو اختيار ڪيو آهي، پر هر شئي جي حد ٿيندي آهي، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کان پڇيو وڃي ته اها پيپلزپارٽي، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي فارين فنڊنگ جي جاچ ڪري رهي آهي، اها سٺي ڳالهه آهي پر توهان تحريڪ لبيڪ کي ڪيئن سياسي پارٽي طور رجسٽرڊ ڪري ڇڏيو، هڪ اهڙي شخص جي سڃاڻپ ڪارڊ تي جيڪو شخص هتي رهندو ئي ناهي اهو دبئي جو رهواسي آهي، ان جي نالي تي تحريڪ لبيڪ رجسٽرڊ ڪئي وئي، ڇا سڀ ڪم حڪومت جي ذمي آهن، رياست اندر هي به حصو آهن، تمام ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته سياسي پارٽي طور ڪالعدم قرار ڏيڻ حڪومت جو اختيار ناهي، اهو سپريم ڪورٽ جو اختيار آهي اسان کي سپريم ڪورٽ کي ريفرنس موڪلڻو هو، اٽارني جنرل ان ريفرنس جي تياري ڪري رهيو آهي.

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)گهرو مامرن جي وفاقي وزير شيخ رشيد ڪالعدم قرار ڏنل تحريڪ لبيڪ جي اسلام آباد طرف مارچ کي روڪڻ لاءِ سڄي پنجاب صوبي ۾ 60 ڏينهن لاءِ پنجاب رينجرز کي مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، گهرو مامرن جي وفاقي وزير شيخ رشيد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته غير ملڪي طاقتون پاڪستان مٿان پابندي جون ڪوششون ڪري رهيون آهن، پاڪستان جي ايٽمي طاقت ۾ ماڻهن جون نظرون آهن، مجبوري جي حالت ۾ چوان ٿو ته تحريڪ لبيڪ وارا مليٽنٽ ٿي چڪا آهن، سادوڪي ۾ هنن ڪلاشنڪوفن سان پوليس تي فائرنگ ڪئي آهي، پوليس هٿيارن کان سواءِ رڳو لٺين سان بيٺل هئي، اسان جا 3 جوان شهيد ٿي ويا ۽ 70 زخمي ٿيا آهن، جن مان 8 جوانن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، حالتن جي سنجيدگي ۽ گهرائي کي ڏسندي اهو منهنجي فرضن ۾ شامل آهي ته مان قومي سلامتي ۽ عوام جي جان ۽ مال جي سلامتي لاءِ آئين جي آرٽيڪل 147 تحت پنجاب حڪومت جي درخواست تي سڄي پنجاب صوبي ۾ پنجاب رينجرز کي 60 ڏينهن لاءِ ڪراچي وانگر مقرر ڪيان ٿو، 60 ڏينهن لاءِ پنجاب حڪومت کي دهشتگردي ايڪٽ 1997ع جي سيڪشن 5 جا اختيار به ڏيان ٿو، مان نوٽيفڪيشن جاري ڪري رهيو آهيان، مان هاڻي به تحريڪ لبيڪ کي درخواست ڪريان ٿو ته اهي واپس رحمت اللعالمين مسجد ۾ هليا وڃن، اسان ناموس رسالت ۽ ختم نبوت جا سپاهي آهيون پر هنن جي ايجنڊا ڪجهه ٻي آهي، اگر هنن جي ايجنڊا ڪا ٻي نه هجي ها ته مان پنجاب ۾ رينجرز امن امان لاءِ مقرر ڪرڻ جو 6 لڳي 35 منٽن تي حڪم ڏئي رهيو آهيان پنجاب حڪومت جتي چاهي رينجرز کي استعمال ڪري سگهي، مون صبح جو 3 لڳي 30 منٽن تي به انهن سان ڳالهايو آهي ۽ چيو ته ملڪ جون حالتون ڏسو، اسان فرانس جي سفارتخاني کي بند نه ٿا ڪري سگهون، اسلام آباد ۾ فرانس جو سفير موجود ئي ناهي، پر هو چون ٿا ته اسان گوگل ذريعي ڏسي رهيا آهيون مون کي سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته گوگل ذريعي ڪيئن ڏٺو ويندو آهي، پر ان سان ثابت ٿيو ته هنن جي ايجنڊا ڪا ٻي آهي.هن چيو ته مون کي افسوس آهي ته مان فضل الرحمان جو هميشه احترام سان نالو وٺندا آهيان ۽ وٺندو رهندس پر مولانا فضل الرحمان ملڪ جي سنجيدگي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري جيڪي ماڻهو هنن ماڻهن کي اڳتي ڪري اهو سمجهي رهيا آهن ته حڪومت جي رٽ چيلينج ٿي ويندي ۽ حڪومت ڪاڏي وڃي رهي آهي ته حڪومت ڪاڏي نه وڃي رهي آهي مون کي خوف آهي ته هي تنظيم جنهن کي اسان ڪالعدم قرار ڏنو آهي ائين نه ٿئي ته تحريڪ لبيڪ تي عالمي پابندي لڳي وڃي ۽ اها دهشتگردن جي عالمي تنظيمن ۾ شامل ٿي وڃي پوءِ انهن جي ماڻهن جا ڪيس اسان جي وس ۾ نه هوندا.