اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پي ڊي ايم اليڪشن ڪميشن کان عام چونڊن کان پوءِ ملڪ اندر بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي ڪي پي ڪي ۾ اعلانيل بلدياتي چونڊن جي بائيڪاٽ جو اشارو ڏيندي تحريڪ لبيڪ کي قانون جي دائري ۾ احتجاج جو حق ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسلام آباد توهان جي پيءُ جي جاگير ناهي آه جو هتي اچي ڪو پاڪستاني احتجاج رڪارڊ نه ٿو ڪرائي سگهي، قانون جي نظر ۾ فرق ڇو آهي، ساڳي تنظيم نواز شريف خلاف احتجاج ڪري ته اهو ٺيڪ آهي، هنن خلاف احتجاج ڪري ته اهو غلط آهي، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته تحريڪ لبيڪ جا ڪارڪن اسلام آباد اچي رهيا آهن، انهن جو مطالبو درست آهي يا غلط احتجاج ڪرڻ انهن جو قانوني ۽ جمهوري حق آهي، مولانا فضل الرحمان دعويٰ ڪندي چيو ته لاهور واقعي ۾ تحريڪ لبيڪ جا 10 کان 12 ڄڻا شهيد ٿي چڪا آهن، اڄ به ڪافي زخمي ٿيا آهن، اهو ڪهڙو اخلاقي رويو آهي جو پي ٽي آءِ پاڻ ته ڊي چوڪ ۾ 126 ڏينهن ڌرڻو هڻي تحريڪ لبيڪ وارا احتجاج ڪن ته انهن تي تشدد ڪيو وڃي مامرا شائستگي سان حل ڪيا وڃن. اگر حڪومت مامرن کي جائز ناجائز طور ڏسي رهي آهي ته حڪومت کي اعتراف ڪرڻ گهرجي ته هي حڪومت ناجائز آهي ۽ اهڙي اعتراف کان پوءِ حڪومت کي رستي تان هٽي وڃڻ گهرجي، اسان حڪومت کي هٽائڻ لاءِ ميدان ۾ آيل آهيون، عام چونڊن کان اڳ بلدياتي چونڊون قبول نه ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته هي ماڻهن کي چون ٿا ته اسلام آباد احتجاج لاءِ نه اچو، اسلام آباد توهان جي پيءُ جي جاگير ناهي ملڪ کي امن ۽ روزگار ڏيڻو پوندو، جيڪا حڪومت امن نه ڏئي سگهي ان کي اقتدار ۾ رهڻ جو حق ناهي. ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فيس سيونگ لاءِ وقت ورتو ويو آهي، ليفٽيننٽ جنرل جي ذميوارين جو تعين ڪرڻ آرمي چيف جو اختيار آهي، هن چيو ته حڪومت ڪيرائڻ مسئلو ناهي، حڪومت اگر مخالف ڌر جي هٿ ۾ اچي ته ملڪ کي مٿي آڻڻ وڏو چيلينج هوندو، ڇو ته هنن ملڪي معيشت کي ايتري حد تائين ويهاري ڇڏيو آهي. هن خيبر پختونخوا ۾ اليڪشن ڪميشن پاران پهرين مرحلي ۾ بلدياتي چونڊن لاءِ جاري ٿيل شيڊول بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان پهريان ته مطالبو ڪيون ٿا ته بلدياتي چونڊون ملتوي ڪيون وڃن، بلدياتي چونڊن جي بائيڪاٽ ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون، اگر ڪو رستو نه رهيو ته بائيڪاٽ ڪنداسين. بلدياتي چونڊون مڙهڻ چاهين ٿا ته اسان کي قابل قبول نه هوندو، بلوچستان ۾ وڏي وزير جي چونڊ جي حوالي سان مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته جيئن ان مامري ۾ اڳتي وڌندا وينداسين ميڊيا کي ٻڌائينداسين، هن چيو ته اهو طئي ٿيل آهي ته باپ سان گڏ بلوچستان ۾ حڪومت نه ٺاهينداسين.