ورلڊ ڪپ سپر 12: انگلش ٽيم بنگلاديش کي 8 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

0
211

ابو ظهبي (اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ انگلينڊ جي ٽيم بنگلاديش کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.ابو ظهبي ۾ گروپ 1 جون انگلينڊ ۽ بنگلاديش جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون ۽ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي بنگلاديش جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 124 رنسون ٺاهي سگهي.

بنگلاديش طرفان مشفق الرحيم 29، ڪپتان محمود الله ۽ ناسم احمد 19-19، نور الحسن 16، مهدي حسن 11 رنسون ٺاهيون، ٻين مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهتو، انگلينڊ طرفان تائمل ملز بهترين بالنگ ڪندي 3 شڪار ڪيا.جواب ۾ انگلينڊ جي ٽيم گهربل هدف 14.1 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.جيسن راءِ 61 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ڊيوڊ ملان 28، جوز بٽلر 18 ۽ جوني بيئراسٽو 8 رنسون ٺاهيون.ميچ جو بهترين رانديگر جيسن راءِ قرار ڏنو ويو.