لٽويا جي پارليامينٽ روس کي دهشتگردن جي سرپرست رياست قرار ڏئي ڇڏيو

0
360
لٽويا جي پارليامينٽ روس کي دهشتگردن
لٽويا جي پارليامينٽ روس کي دهشتگردن جي سرپرست رياست قرار ڏئي ڇڏيو

لٽويا جي پارليامينٽ روس کي دهشتگردي ۽ دهشتگردن جي سرپرست رياست قرار ڏئي ڇڏيو آهي
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب خميس ڏهاڙي لٽويا جي پارليامينٽ پنهنجي پڌرائي ۾ نه رڳو روس کي دهشتگردي جي سرپرستي ڪندڙ رياست قرار ڏنو پر اِهو به چيو ته يوڪرين ۾ روسي جارحيت اُتان جي عوام جي نسل ڪشي برابر آهي
بحيره بالٽڪ ۾ واقع اُتر يورپي ملڪ جيڪو 90 جي ڏهاڪي تائين اڳوڻي سوويت يونين جو حصو هو، اُن روس کي دهشتگردن جو سهولتڪار قرار ڏنو آهي
ٻئي پاسي روس جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان رد عمل ظاهر ڪيو آهي ته لٽوين پارليامينٽ جو فيصلو نفرت تي ٻڌل آهي، لٽويا جي نظريه سازن کي نيو نازيون کانسواءِ ڪجهه نٿو چئي سگهجي

ھي به پڙھندا

يوڪرين پاران پنج روسي جهاز ۽ هڪ هيلي ڪاپٽر ڪيرائڻ جي دعويٰ

روس پاران يوڪرين جي ايئر ڊفينس سسٽم کي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ