سنڌ جي پرائيوٽ تعليمي ادارن ۾ سنڌي ۽ اُردو لازمي پڙهائڻ جو حڪم

0
285
تعليمي ادارن ۾ سنڌي ۽ اُردو لازمي
سنڌ جي پرائيوٽ تعليمي ادارن ۾ سنڌي ۽ اُردو لازمي پڙهائڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي جي سمورن سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ۽ اردو مضمون پڙهائڻ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو
حڪومتي فيصلي تي عمل نه ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي
ڊي جي پرائيويٽ اسڪولز حڪومتي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ لاڳاپيل ريجنل اختيارين کي خط به لکي ڇڏيو آهي
ڊي جي پرائيويٽ اسڪولز وڊيو بيان ۾ واضح ڪيو آهي ته 1972 جي آئين 1990 جي ترميمي ايڪٽ ۽ صوبائي اسيمبلي، پاران 17 فيبروري 2017 تي پاس ٿيل بل موجب سنڌي ٻولي جو مضبون ڪلاس ٽئين کان اٺين ڪلاس تائين لازمي قرار ڏنو آهي
ڊي جي موجب حڪم تي عمل نه ڪندڙ اسڪولن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي

ھي به پڙھندا

ڪراچي جي نجي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ تي اڻ اعلانيل پابندي لاڳو ٿيل

تعليمي ادارن ۾ سياري جون موڪلون جنوري ۾ ڪرڻ تي اتفاق