روس پاران يوڪرين جي ايئر ڊفينس سسٽم کي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ

0
466
روس پاران يوڪرين جي

ڪراچي (م.ڊ) روس يوڪرين جي فضائي دفاعي نظام کي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.  روس جي بچاءَ واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته يوڪرين جو ايئر ڊفينس سسٽم تباهه ٿي ويو آهي.  روسي دفاع واري وزارت چيو آهي ته يوڪريني ايئر بيس جي بنيادي ڍانچي کي پڻ تباهه ڪيو ويو آهي

روسي بچاءَ واري وزارت موجب يوڪرين جي فوجي ڍانچي ۽ سرحدي فورسز کي نشانو بڻايو پيو وڃي، شهرن ۾ ميزائل حملا ناهن ڪيا ويا. ٻئي طرف يوڪرين 5 روسي جهازن ۽ هڪ هيلي ڪاپٽر کي ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ھي به پڙھندا

روس جو يوڪرين تي حملو، مختلف شهرن تي ميزائل فائر، يوڪرين هٿيار ڦٽا ڪري: پيوٽن