نور مقدم ڪيس فيصلو: جوابدار ظاهر جعفر کي موت جي سزا

0
620

اسلام آباد: اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج عطا رباني ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي مرڪزي جوابدار ظاهر جعفر کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.  عدالت شريڪ جوابدارن جان محمد ۽ افتخار کي 10- 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي

جڏهن ته ٿيراپي ورڪس جي سمورن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو، سزا مليل جوابدارن ۾ افتخار چوڪيدار ۽ جوابدار جان محمد مالهي آهن.  ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ظاهر جعفر جي پيءُ ذاڪر جعفر ۽ ماءُ عصمت آدم جي کي بري ڪري ڇڏيو. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ قتل ڪيس جي ٻڌڻي 4 مهينا 8 ڏينهن هلي

شاهدن جا بيان قلبند ٿيا، شهادتون رڪارڊ ٿيون، جرح کانپوءِ وڪيلن حتمي دليل ڏنا جنهن بعد عدالت 22 فيبروري تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو هو.ڪيس ۾ نامزد جوابدار ظاهر جعفر تي الزام هو ته هن 20 جولاءِ 2021 تي نور مقدم کي سندس گهر ۾ قتل ڪيو هو، پوليس ظاهر جعفر کي اسلام آباد جي سيڪٽر ايف سيون ۾ سندس گهر مان رت سان ڀريل قميص سميت گرفتار ڪري قتل جو هٿيار پڻ هٿ ڪيو هو

ھي به پڙھندا

نور مقدم ڪيس: طاھر جعفر سوڌو 12 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو