روس جو يوڪرين تي حملو، مختلف شهرن تي ميزائل فائر، ڪيترائي ماڻھو مارجي ويا

0
425

ڪراچي: روس جي صدر ولاديمير پيوٽن طرفان يوڪرين تي حملي جو اعلان بعد يوڪرين جي گادي واري شهر ڪيف سميت يوڪرين جي مختلف علائقن ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا، ڌماڪن جي نتيجي ۾ ھن  وقت تائين ڪيترائي ماڻھو مارجي ويا آھن

پرڏيهي خابرو اداري موجب يوڪرين جي گادي واري شهر ڪيف ۽ ڊونباس رينجن ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا، يوڪرين جي بليڪ سي پورٽ اڊيسه ۾ به ڌماڪي جا آواز ٻڌا ويا جڏهن ته اوڀر يوڪرين جي علائقي ماريو پول به ڌماڪن سان گوجي اٿيو، ڪيترائي ماڻھو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي آھن

پرڏيهي خابرو اداري موجب يوڪرين جي گادي واري شهر ڪيف ۽ خرڪيف ۾ ملٽري ڪمانڊ سينٽرز تي به ميزائل حملا ڪيا ويا جڏهن ته روسي فوج يوڪرين جي علائقي ماريوپول ۽ اڊيسيا پهچي وئي آهي

روس جي بچاءَ واري وزارت جو چوڻ آهي ته يوڪري جي ملٽري انفراسٽرڪچر، ايئر ڊفينس ۽ ايئر فورس کي نشانو بڻايو پيو وڃي، يوڪرين جي شهرن تي ميزائل ۽ آرٽلري سان حملا نه پيا ڪيا وڃن

روسي صدر جو چوڻ آهي ته ڊونباس ۾ فوجي آپريشن ڪيو پيو وڃي پرڏيهي مداخلت ٿي ته روس ڀرپور جواب ڏيندو، يوڪرين جي فوج هٿيار ڦٽا ڪري گهر وڃي، آپريشن يوڪرين جي ڌمڪين جي جواب ۽ هٿيارن کان پاڪ خطي لاءِ آهي، ڪنهن قسم جي رتو ڇاڻ ٿي ته ان جو ذميوار يوڪرين هوندو

پرڏيهي خابرو اداري موجب روس جي گڏيل قومن بابت سفير سلامتي ڪائونسل کي اوڀر يوڪرين تي روسي حملي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، روسي سفير ٻڌايو ته گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت روس جو آپريشن درست آهي

يوڪرين جي صدر زيلنسڪي جو چوڻ آهي ته روس يوڪرين جي انفراسٽرڪچر، بارڊر گارڊز تي ميزائل حملا ڪيا آهن، يوڪرين جي مختلف شهرن ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن، يوڪرين جي سمورن علائقن ۾ مارشل لا لڳائي رهيا آهيون، روسي حملي بابت امريڪي صدر سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اسان مضبوط ۽ هرشئي لاءِ تيار آهيون، اسان کٽينداسين

ھي به پڙھندا

يوڪرين پاران پنج روسي جهاز ۽ هڪ هيلي ڪاپٽر ڪيرائڻ جي دعويٰ

يوڪرين جي پرڏيهي وزير چيو آهي ته روسي صدر پيوٽن يوڪرين تي حملو ڪيو آهي، يوڪرين جا پر امن شهر حملن هيٺ آهن، يوڪرين پنهنجو دفاع ڪندو ۽ کٽي ويندو، دنيا پيوٽن کي روڪي سگهي ٿي ۽ روڪڻ گهرجي هاڻي عمل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي

يوڪرين جي گڏيل قومن بابت سفير سلامتي ڪائونسل کي بيان ڏيندي چيو آهي ته روس جنگ جو اعلان ڪيو آهي، روس کي جنگ کان روڪڻ سلامتي ڪائونسل جي ذميواري آهي

امريڪي صدر جو بائڊن روس جي يوڪرين تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته يوڪرين تي روسي حملو تباهه ڪندڙ انساني نقصان جو سبب بڻجندو، يوڪرين حملي تي دنيا روس کي جوابده مڃي رهي آهي، يوڪرين تي روسي حملي جا نتيجن تي اڄ قوم کي خطاب ڪندس، امريڪي صدر جو چوڻ آهي ته امريڪا ۽ ان جي اتحادي متحد ۽ فيصلائتي انداز ۾ جواب ڏيندا، روسي قدمن تي مضبوط  ۽ متحد رد عمل لاءِ نيٽو سان رابطو ڪنداسين

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته روسي صدر پيوٽن امن جو موقعو ڏئي پهريون ئي ڪيترائي ماڻهو مارجي چڪا آهن، روسي صدر انسانيت جي نالي تي يوڪرين مان روسي فوج واپس گهرائي، روس ۽ يوڪرين تڪرار هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي

ھي به پڙھندا

روس جي حملي کانپوءِ يوڪرين ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو