روس جي حملي کانپوءِ يوڪرين ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو

0
313
روس جي حملي کانپوءِ

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) روس جي حملي کانپوءِ يوڪرين ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو آھي، يوڪرين جي صدر روس جي حملي کانپوءِ ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏيو آھي

ميڊيا رپورٽن موجب يوڪرين جي صدر چيو آهي ته يوڪرين جي علائقن ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو آهي، يوڪرين جي صدر چيو ته روس يوڪرين جي انفراسٽرڪچر ۽ بارڊر گارڊز تي ميزائل حملا ڪيا، جنهن سبب ڪيترن ئي شھرن ۾ ڌماڪيا ٿيا آھن

هن چيو ته يوڪرين تي روسي حملي بابت آمريڪي صدر سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، اسان مضبوط آهيون ۽ هر شيءِ لاءِ تيار آهيون، يوڪرين جي پرڏيهي وزير پڻ چيو آهي ته پيوٽن يوڪرين تي مڪمل حملو ڪيو آهي ۽ يوڪرين جي پرامن شهرن تي حملا ڪيا ويا آهن،يوڪرين پنهنجو دفاع ڪندو ۽ فتح حاصل ڪندو

ھن چيو تھ دنيا پيوٽن کي روڪي سگھي ٿي، ھاڻ عمل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آھي، ٻئي طرف پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڪيوف انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي روس طرفان حملو ڪيو ويو، جنهن بعد يوڪرين جي هوائي حدن کي بند ڪيو ويو آهي