ڀارت ۾ ڳئون جو گوشت کائڻ جي الزام ۾ مسلمان شھري قتل

0
401
ڀارت ۾ ڳئون جو گوشت

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ڀارت ۾ هندو انتها پسندي جو هڪ ٻيو واقعو پيش آيو آهي جنهن ۾ بهار ۾ مسلمان شهري کي ڳئون جو گوشت کائڻ تي وحشياڻو تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آھي

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب 35 ورهين جي خليل عالم کي ڪجهه ڏينهن اڳ هندو انتهاپسندن تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته خليل عالم جو لاش پڻ کاھي ۾دفن ڪيو ويو هو

ڪجهه رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته خليل عالم جي لاش تي پيٽرول اسپري ڪري باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ پوءِ شهري جي لاش کي لوڻ هڻي دفن ڪيو ويو ته جيئن لاش جلد سڙي سگهي

خليل عالم جي قتل کان اڳ سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي جنهن ۾ هو هندو انتها پسندن کان هٿ ٻڌي معافي گھري رھيو ھو ۽ ڪنن کي جهلي رهيو هو

وڊيو ۾ مقتول خليل عالم هندو انتها پسندن کي يقين ڏياري رهيو آهي ته هو مستقبل ۾ گوشت نه کائيندو جڏهن ته هندو انتها پسند کيس گاريون ڏئي رهيا آهن