ڌرتيءَ سان وفا جو ڏينهن

0
161
حڪمران ڌرين جا لانگ مارچ وڃايل ساک بچائڻ جي ڪُوشش

سنڌ پنهنجي سموري تاريخ ۾ ڪيترن ئي لاهن چاڙهن، ڏکين حالتن، غلامين ۽ آزادين جي دورن مان گذرندي اچي ايڪويهين صديءَ جي هن جديد ترين ۽ ترقي يافته دور ۾ داخل ٿي آهي. جيتوڻيڪ هي زمانو ساڃاھه، سُرت، علم، عقل، ڏاهپ، کوجنا، سائنس ۽ جديد علمن جو دور آهي. پر، افسوس جو سنڌ جي وڏي آبادي اڃا به مٿين سمورين علمن ۽ جدتن کان غافل، لاعلم ۽ لاتعلق بڻي ڪوهين ڏور بيٺي آهي. سنڌي ماڻهن جي گھڻائي اڃا به پيرپرستيءَ جي بيماريءَ ۾ وڪوڙيل آهي. سنڌ جا ماڻهو اڃا تائين به ڌيئرن ۽ پُٽن سميت نوڪرين ۽ ٻين مسئلن جو حل، محنت، تعليم، سياست ۽ جدوجهد بجاءِ پيرن، فقيرن جي درگاهن تي باسون باسڻ، چلا ڪڍڻ ۽ ٽوڻن، ڦيڻن سميت ٻين وهمن ۽ وسوسن ۾ سمجھي رهيا آهن. جيڪا شيءَ حقيقي عمل، محنت ۽ جدوجھد ذريعي حاصل ٿيڻي هوندي آهي، ان کي هو عمليات ۽ فرضي عقيدن جي رستي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

سنڌي ماڻهن جي ان سوچ ۽ نفسيات مان هتان جو ملان، پير، پنڊت ۽ حڪمران طبقو گڏيل ڳٺ جوڙ ذريعي وڏي هوشياري ۽ چالاڪيءَ سان فائدو حاصل ڪري رهيو آهي. مٿين عنصرن جو مستقل مفاد ان ۾ آهي ته سنڌ جو عوام ڀلي ته اڻپڙهيل، اڻ سڌريل، جاهل، ڪاهل، غيرسياسي، پنهنجن حقن ۽ فرضن کان اڻ واقف ۽ غافل هجي ته جيئن هو مٿس حڪمراني ڪندا، لٽيندا ۽ ڦريندا رهن. ملڪ جي قيام کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ايئن ئي ٿيندو رهيو آهي. هن وقت سنڌ تي ڌارين جي حاڪميت ۽ قدرتي وسيلن توڙي آمدنيءَ جي سڀني ذريعن تي ٻاهران آيل ماڻهن جو قبصو ٿي چڪو آهي. اسان جي مادري زبان جي خلاف گھڻ طرفيون سازشون جاري آهن. اسان جي ٻولي سخت خطرن کي منهن ڏئي رهي آهي. ان ڳالھه ۾ ڪوبه گُمان ڪونهي ته قومون پنهنجي وطن ۽ ٻولين سان سڃاتيون وينديون آهن. جيڪڏهن اسان جي وطن تي ڌارين جو دائمي قبضو ٿي وڃي، ۽ اسان جي ٻولي ختم ٿي وڃي ته پوءِ اسان پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ۽ بي يارو مددگار ٿي رهجي وينداسين. ڪو به پنهنجي مدد ڪرڻ وارو ڪونه هوندو. ڇو ته قدرت جو قانون به انهن قومن جي مدد ناهي ڪندو جيڪي قومون پنهنجي مدد پاڻ ناهن ڪنديون.

هن وقت سنڌ کي جيڪي خطرا درپيش آهن، اهڙا اڳ ۾ ڪڏهن ناهن رهيا. اڄوڪي سنڌ گھڻ طرفن سازشن ۽ خطرن ۾ گھيريل آهي. هڪ پاسي اسٽيبلشمينٽ جو جبر ۽ استبداد آهي ته ٻئي پاسي وري ايم ڪيو ايم ۽ ٻيا نسل پرست ٽولا سنڌ جون ٻوٽيون ۽ ماس پٽي کائڻ لاءِ هر وقت آتا نطر اچي رهيا آهن. ٽئين پاسي وري سنڌ جو ابن الوقت وڏيرڪو ۽ جاگيردارڪو طبقو ڌارين جي دلالي ڪندي سڀني کان اڳڀرو بيٺو آهي. سنڌ هن وقت سرداري ۽ جاگيرداري نظام جي غلاميءَ ۾ مضبوطيءَ سان جڪڙيل آهي. سنڌي عوام ان نظام جي مڪمل خاتمي تائين اڳتي وڌي عزت، آجپو ۽ خوشحالي ماڻي نه سگھندو. اها ڳالھه اڻ ٿيڻي آهي ته سنڌ ۾ جيسيتائين اقتدار ۽ اختيار سميت سموري دولت ۽ گذر جي وسيلن تي جاگيرداري ۽ سرداري نظام جو ڪارو نانگ ويٺو هجي، اتي ماڻهو سک، سلامتي ۽ خوشحاليءَ جي زندگي گذاري سگھن. اهو سڀڪجھه ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر ٿيندو. ڀوتارڪي ۽ وڏيرڪي نظام جا سنڌي ماڻهن جي پيرن ۾ جيڪي زنجير پيل آهن، اهي کين غربت، بک، بيماري، بيوسي ۽ جھالت جي کڏ مان ٻاهر نڪرڻ نٿا ڏين.

مڃون ٿا ته اسان جي لاءِ حالتون تمام گھڻيون مشڪل ۽ ڏکيون بڻايون ويون آهن. پر، ڪنهن به انسان يا قوم لاءِ هر وقت هڪ جھڙيون حالتون ناهن هونديون. ماڻهو هر وقت مختلف حالتن ۾ جيئندو رهي ٿو. ڪڏهن انسان ڪاميابي ۽ ناڪامي وارين حالتن کي منهن ڏئي رهيو هوندو آهي ته ڪڏهن وري اختيار ۽ اقتدار واري حالتن ۾ هوندو آهي، ته ڪڏهن وري بيوسي ۽ بي اختياري وارين حالتن سان مقابلي ۾ هوندو آهي. ڪڏهن غلبي واريون حالتون ته ڪڏهن وري مغلوبيت. انسان لاءِ ڪڏهن موافق حالتون هونديون آهن ته ڪڏهن وري ناموافق حالتن سان ٽڪر کائڻو پوندو آهي. انسان ڪڏهن غلاميءَ واري حالت ۾ هوندو آهي ته ڪڏهن وري آزاد فضا ۾ ساھ کڻي رهيو هوندو آهي. پر، حالتون ڪهڙيون به هجن، قومي ڪارڪنن کي ڪڏهن به، ڪنهن به صورت يا حالت ۾ مايوس ٿي ويهي رهڻ بجاءِ لطيف سائين جي فڪر “ ٽڪر آڏو ٽر، متان روهه رتيون ٿئين” مان رهنمائي حاصل ڪري اڳتي وڌندو رهڻ گھرجي. انسان کي هميشه جدوجهد ۽ تحرڪ ۾ رهڻ گھرجي. خاموشي ۽ جمود موت مثل هوندو آهي. تحرڪ ۾ ئي زندگي آهي. حالتون موافق هجن يا غيرموافق، پر پنهنجي مقصد ۽ منزل تي رسڻ لاءِ هر صورت ۾ پنهنجو پنڌ جاري رکڻو آهي “تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي”.

هونئن به کري ۽ کوٽي جي پرک ڏکين حالتن ۽ آزمائش وارين گھڙين ۾ پوندي آهي. جيئن سچي سُون جي خبر باھه ۾ پوڻ کان بعد ۾ پوندي آهي، ساڳي طرح هڪ سچي ۽ آدرشي انسان جو صحيح معني ۾ اندازو ڏکين گھڙين ۾ پوندو آهي. اها به حقيقت آهي ته غيرموافق، نامناسب ۽ اڻوڻندڙ حالتون انسان کي وڌيڪ پختو ۽ مضبوط بڻائينديون آهن. ڪنهن به قسم جي ڏکيائي، محرومي، بيوسي ۽ ڪنهن حادثي ۾ هميشه هڪ نئون ۽ بهتر امڪان لڪل هوندو آهي. پنهجن انفرادي توڙي قومي حقن کان محروميون ۽ ناموافق حالتون چئلينج بڻجي انسان کي ڌونڌاڙينديون آهن. لڪل صلاحيتن کي اجاگر ڪنديون ۽ جاڳائينديون آهن. اهڙي طرح هر آزمائش، هر ڏک، ناموافق حالتون، واقعا ۽ حادثا ماڻهن توڙي قومن لاءِ بيداري، ترقي ۽ آزاديءَ جي ڏاڪڻ بڻجي ويندا آهن.

اهڙين حالتن جو شڪار قومون يا انسان، معمولي ماڻهن کان ڦري غيرمعمولي انسان بڻجي، لکين ۽ ڪروڙين بي پهچن، محرومين ۽ مايوسين جو شڪار بڻيل انسانن لاءِ نين اميدن، اتساهن ۽ آزادين جو سبب بڻجي پوندا آهن. سنڌ ۾ ڪيتريون ئي قومپرست پارٽيون آهن جيڪي پنهنجي حال آهر سنڌ جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙي رهيون آهن. ترقي پسند پارٽي به پنهنجي ڌرتيءَ سان عهد وفا ورجائڻ لاءِ سال ۾ هڪڙو ڀيرو “يومِ مادرِ وطن” جي نالي سان  اجتماع ڪوٺائڻ جي هڪ بهترين ۽ مثبت روايت قائم ڪئي. 24 فيبروري تي ڌرتيءَ جا غيرتمند پُٽَ ۽ ڌيئرون، نوجوان ۽ پوڙها حيدرآباد ۾ گڏ ٿي پنهنجي وطن تان سمورين غلامين ۽ ذلتن جي مڪمل خاتمي تائين جدوجهد جاري رکڻ جو وچن ورجائيندا آهن. اها ڳالھه چِٽيءَ طرح سان ياد رکڻ گھرجي ته منظم، متحرڪ ۽ سگھاري تنظيم کان سواءِ اسان سنڌ جي مقدر ۽ سنڌي ماڻهن جي زندگين ۾ ڪا به بنيادي تبديلي ۽ خوشحالي نٿا آڻي سگھون.