سوال/سروي گٽڪي ۽ ٻي منشيات جي وڪري ۾ پوليس سان گڏ سياستدان به ملوث قرار: سخت ڪارروائي ڪئي وڃي: عوام

0
198
سوال/سروي گٽڪي ۽ ٻي منشيات جي وڪري ۾ پوليس سان گڏ سياستدان به ملوث قرار: سخت ڪارروائي ڪئي وڃي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران سنڌ ۾ گٽڪي جي ڪاروبار جي سرپرست پوليس آفيسرز خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو آهي، ڇا اوهان جي شهر ۾ به پوليس جي سرپرستي ۾ گٽڪي سوڌو ٻي منشيات جو وڪرو ٿئي ٿو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته پوليس جي سرپرستي ۾ ئي منشيات جو ڪاروبار هلي رهيو آهي، سياستدان به ان ڪاروبار ۾ ملوث آهن، گٽڪي جي ڪري ڪيترائي ماڻهو ڪينسر جو شڪار ٿي چڪا آهن، منشيات جي خاتمي لاءِ سخت ڪارروائي جي ضرورت آهي، اهڙو ڪاروبار ڪندڙن کي سخت کان سخت سزائون ڏنيون وڃن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته گٽڪو مين پڙي هتي وڏو ڪاروبار آهي جيڪي ڪک پتي هئا اهي لک پتي ٿي ويا هتي سڄو سسٽم رشوت تي آهي هتي آئيس جو استعمال ٿئي ٿو ڪيترا ئي ماڻهو ڪينسر وگهي مري ويا جيڪي هلائين ٿا انهن کي آشيرواد آهي هاءِ ڪورٽ جو فيصلوصحيح آهي جيڪي انهن ڏوهارين جي سپورٽ ڪن ٿا انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي،

نعمت الله راهمون لکيو ته نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي، منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، قربان علي ميراڻي لکيو ته اھڙا ڪيترا ئي حڪم عدالت سڳوري جاري ڪيا آهن، پر انتظاميا جي ڪن تي جونءَ ڪونه چري سڄو ڪم پوليس جي سرپرستي ۾ پيو ھلي جيستائين پوليس ۾ ڪاريون رڍون موجود آھن نظام جي درستگي مشڪل آھي، لطف سنڌي لکيو ته اسان جا ڪامورا ته عمل ئي ناهن ڪندا، عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪن سميت اهڙا ڪيترائي مسئلا آهن جيڪي عدالتي حڪمن باوجود ساڳئي طرح موجود آهن، الياس سمون لکيو ته بلڪل درست آهي ته پوليس جي سرپرستي۾ منشات سري عام ھلي ٿي ان ڳالهه کان ڪو به انڪاري ناهي پر پوليس بيوس بڻيل آهي منشات جون بنيادي جڙون سياست ۾کتل آهن ھن وقت سنڌ پوليس عوامي نه بلڪه سياسي پوليس آھي ھر منشات فروش کي سپورٽ ڪرڻ پوليس جي مجبوري آهي جيستائين سياست۽ پوليس ھڪ ٻئي سان جڙيل رھندا تيستائين منشات تي ڪو به ڪنٽرول ممڪن ناھي منشات جي صفائي جيڪڏهن واقعي ٿيڻ کپي ته مھرباني ڪري پوليس کي سياسي ماڻھن کان آجو ڪيو وڃي،

سردار غوث بخش ملڪ لکيو ته نوجوان نسل کي گٽڪي تباھه ڪري ڇڏيو آھي پوليس انھن سان مليل آھي، سرفراز لکيو ته رينجرز کان آپريشن ڪرايو وڃي پوءِ منشيات جو خاتمو ايندو، اويس ملاح لکيو ته اسان جي ضلعي ۾ پوليس سميت سياسي اڳواڻ پڻ ان ڪڌي عمل ۾ برابر جا شريڪ آهن، هفتا ۽ منٿليون مقرر ٿيل آهن، اياز علي راهوجو لکيو ته پوليس کي گٽڪو بند ڪرائڻ لاءِ گهڻو وقت گھرجي؟ سال لڳي ويا آهن پر اھو ڪم به نه ڪري سگهي آهي افسوس آهي سنڌ پوليس تي، نادر علي خان لکيو ته اسان جي شهر ساڪرو ۾ ڊزن کان وڌيڪ نوجوان ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ ورتل آهن پوليس عمدارن جا ٿاڻا ايس پي کان وٺي عام پوليس واري تائين جا گهر منشيات جي پئسن تي هلن پيا قانون نالي ڪابه شئي نظر نٿي اچي،محمد آچر درس لکيو ته بلڪل اسان جو تعلقو کپرو پوليس جي سرپرستي ۾ هلندڙ منشيات جو وڏو ڳڙھ آهي، منظور زرداري لکيو ته گٽڪو ۽ مين پڙي هلائيندڙن کي پوليس سان گڏ چونڊيل نمائندن جي سپورٽ حاصل آهي، اسلم هنڱورجو لکيو ته بلڪل ٿر پارڪر ضعلي ۾ منشيات جا اڏا پوليس جي سرپرستي ۾ ھلن ٿا ڪچي شراب جون بٺيون سفينا چرس آفيم سرعام ھلن ٿا ڪير روڪڻ وارو ئي ڪونهي.

سنتوش ڪمار لکيو ته هر ڪم پوليس جي آشيراد سان ئي ممڪن آهي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته اعلان ۽ عمل واري وڇوٽي ختم ٿيڻ سان مسئلو حل ٿي سگھي ٿو، شربت علي جعفري لکيو ته ڪشمور ضلعو ته منشيات ۾ پوري سنڌ کان پهرين نمبر تي آھي، هتي پوليس پاڻ به منشيات وڪرو ڪرڻ ۾ اڳڀرو آھي، گلاب خاصخيلي لکيو ته اسان وٽ چرس به وڪامي ٿو، سائين بخش لکيو ته گٽڪي نوجوان نسل کي ڪافي نقصان ڏئي ڇڏيو آهي حڪومت کي بنا فرق جي ملوث عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گھرجي، مختيار سنڌي لکيو ته نوابشاهه ۾ کپائڻ وارا پوليس وارا آهن، جبار لغاري لکيو ته پيرجوڳوٺ، وڏا ماڇيون سميت مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ منشيات فروشن جي سرپرست پوليس ئي پئي ڪري هتي نشي جي عادي ماڻهن جو انگ 4 سالن ۾ 45 سيڪڙو وڌي ويو آهي جن ۾ اڪثريت نوجوانن ۽ ننڍي عمر وارن جي آهي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته پوليس جي سرپرستي کان سواءِ ڪو به غير قانوني ڪاروبار ٿي نه ٿو سگهي، عابد ڀٽي لکيو ته عمرڪوٽ ۾ وڏي مقدار ۾ گٽڪو وڪرو ٿئي ٿو پوليس جي سرپرستي ۾ منشيات هلي ٿي، سجاد قاسم جوکيو لکيو ته پوليس آفيسرن کي ڪجهه نه ٿيندو، محمد علي خاصخيلي لکيو ته رينجرز کان ڪارروائي ڪرايو باقي پوليس وارا پنهنجي پٽي ڀائين خلاف ڪارروائي نه ڪندا، محمد اقبال سومرو لکيو ته نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي، منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، نادر علي خان لکيو ته ڪيٽي بندر، ٺٽي ضلعي جي ننڍن ۽ وڏن شهرن ۾ گٽڪو مين پڙي جو وڏو ڪاروبار آهي جيڪي ڪک پتي هئا اهي لک پتي ٿي ويا هتي سڄو سسٽم رشوت تي هلي ٿو، وحيد مستوئي لکيو ته اھو گھڻي وقت کان سلسلو ھلندڙ آھي پر انھن ذميوارن خلاف ڪارروائي نه ٿي ڪئي وڃي جنھن سبب نوجوان نسل تباھ ٿي رھيو آھي. ضلعو نوشهروفيروز تعلقو مورو سميت ٻيا ننڍا وڏا شهر ڳوٺ وسنديون ھن وقت منشيات جي ور چڙهيل آهن، عدالتي حڪم تي عمل ڪرايو وڃي.