اشو آف دي ڊي سيتا واسڻ شاگردياڻي جو قتل: جوابدار مقابلي ۾ مارجي ويو: پسند جي شادي ۽ سزا بابت بحث

0
196
اشو آف دي ڊي سيتا واسڻ شاگردياڻي جو قتل: جوابدار مقابلي ۾ مارجي ويو: پسند جي شادي ۽ سزا بابت بحث

 سيتا واسڻ شاگردياڻي نگينه چانڊيو جي قتل ۽ قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار پوليس هٿان مارجڻ واري مامري تي سوشل ميڊيا تي پوسٽون شيئر ڪيون ويون، شاگردياڻي جي قتل جي مذمت ڪئي وئي، سوشل ميڊيا تي پسند جي شادي ۽ پوليس هٿان جوابدار جي مارجڻ تي به بحث شروع ٿي ويو، نياڻي جي قتل بعد جوابدار کي سخت سزا ڏيڻ جي گهر ڪئي وئي اتي وري پوليس هٿان جوابدار جي مارجڻ کي به غلط قرار ڏنو ويو، امر سنڌو جوابدار جي بيان واري وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ سيتا روڊ واسڻ 15 ورهين جي نگينه چانڊيو جي اغوا بعد ان جو لاش مليو هو، پوليس قاتل کي پڪڙيو آهي، جيڪو چئي رهيو آهي ته نگينه ان سان گڏ گهران شادي لاءِ وئي هئي، چار پنج ڏينهن مختلف هنڌن تي رهياسين، پئسا ختم ٿي ويا ته کيس واپس وڃڻ لاءِ چيو جنهن تي ناريءَ چيو ته مون کي ماري ڇڏيو پر واپس نه اماڻيو، ناري جي واپس وڃڻ جي انڪار بعد کيس گهٽو ڏئي قتل ڪيو، سوال اهو به آهي ته ڇوڪري واپس گهر ڇو نٿي اچي سگهي جيڪڏهن کائنس اهڙي ڪا غلطي به آهي ته؟ جنهن تي مراد پندراڻي لکيو ته هن کي ٿوري به شرمندگي يا خوف ناهي، اسان جي سماج ۾ هي ڇا ٿي رهيو آهي، جنيد انصاري لکيو ته انتهائي جيءُ جهوريندڙ ۽ ڏکوئيندڙم هن واقعي جي ڪهڙي پاسي تي ويهي ڳالهائجي، نياڻي جي احساسن يا سندس چاهيندڙ جي بي حسي ۽ ظلم تي يا مجموعي طور تي سماج ۽ رياست جي روئي تي، هر پاسو ڇرڪائيندڙ آھي، زاهده ميراڻي لکيو ته مائٽ ۽ معاشرو شروع ڏينھن کان ئي ڇوڪرين جي ذھن ۾ شادي جا خواب ويهاريندا آھن. جڏھن تہ شادي کان وڌيڪ ڇوڪرين جي تعليم اھم آھي. ڇوڪري ۱۵ سالن جي ھئي.

ھن وحشي مٿان چائلڊ پروٽيڪشن جا ڪيس لڳڻ گھرجن. امداد چانڊيو لکيو ته هي ڪهڙيون محبتن ۾ وحشتون، ملامت کان سلسلو چڙھيل آھي، نجمه پنهور لکيو ته اهڙي کي به ايئن ئي ماريو وڃي، عائشه ڌاريجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مونکي بيحد افسوس ٿيو جڏهن جوابدار جو بيان ٻڌو، اسان جو سماج الائي جي ڪنهن طرف وڃي رهيو آهي جو اٺين نائين ڪلاس جي ڇوڪري “اُها اهڙا فيصلا ڪري ٿي ،انتهائي ڏک تڪليف ۽ سوچڻ تي مجبور ڪندڙ هي واقعو آهي ڪو ڇوڪرو پنهنجو هجي يا پرائو ٿورو کلي ڳالهائي ٿو،پيار ء۽عزت ڏئي ٿو اسان ماروئڙن جا ڪک ڇڏي ڪجهه ڏينهن يا سال ٻن جي  سڃاڻپ ڪري، اهو ڪيئن وساري ويهون ٿا  ته ڇا هي مرد يا نوجوان مونکي تحفظ ڏئي سگهندو ؟ڇا هي نوجوان جنهن سان آئون نڪري رهي آهيان مونکي عزت مانُ سان گڏ مڪمل ساٿ ڏئي سگهندو؟ ڇا هي نوجوان اعتبار ۽ اعتماد جوڳو آهي ؟سندس خاندان ڪيئن آهي ؟سندس اُٿڻ ويهڻ ڪهڙي سنگت سان آهي ؟ والدين لاءِ  ضرور هڪڙو عرض آهي ته پنهنجي اولاد جا سٺا دوست ٿيو اولاد پٽ هجي يا ڌيءَ برابر جو پيار ڏيو.

والدين ۽ اولاد جو رشتو پاڻ ۾  ايترو مضبوط هجي جو بنا ڪنهن ڊپ جي توهان جي نياڻي توهان سان سڀ ڪجهه شيئر ڪري سگهي، همت مغيري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  سيتا روڊ مان نائين درجي جي شاگردياڻي کي پسند جي شادي جو دلاسو ڏئي قتل ڪيو ويو، مک جوابدار گرفتاري بعد اهڙو اعترافي بيان ڏنو آهي جنهن تي راجپوت درشن لکيو ته جيستائين سخت سزائون نه ملنديون قاتل ڦاھي نه چڙھندا تيستائين اھڙا واقعا ٿيندا رھندا، ان سلسلي ۾ ذوالفقار قادري پوسٽون شيئر ڪندي لکيو ته ٻارڙن تي نظر رکو کين اوپرائپ محسوس ٿيڻ نه ڏيو، سيتا روڊ مان نائين درجي جي شاگردياڻي کي شادي جو دلاسو ڏئي قتل ڪيو ويو، جوابدار جو اهڙو وڊيو بيان آيو آهي،  جوابدار شوڪت چنو پوليس فائرنگ ۾ مارجي ويو، ايس ايس پي دادو عرفان سمون مطابق جوابدار شوڪت چني کي پوليس جاچ لاءِ وٺي وڃي رهي هئي ته جوابدار شوڪت چني پوليس حراست مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پوليس فائرنگ ۾ جوابدار مارجي ويو، سچل وڌو لکيو ته انسانن مان انسانيت ختم ٿيندي پئي وڃي،

شهناز راهو واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو، حاجي علي حسن، صوف جلباڻي، ايم پناهه اوڍو، رمضان لاکو، حڪيم معشوق علي سومرو، منصور ڏيرو، حاڪم علي راهو به شاگردياڻي جي قتل تي افسوس جو اظهار ڪيو، انيس احمد لاشاري لکيو ته اسان وٽ اهو سلسلو خبر ناهي ڪيستائين هلندو، عورت جو انڌو يقين کيس ڪٿان کان ڪٿي پھچائي ٿو ڇڏي، الله پاڪ ھر نياڻي جو ڀرم رکي، غلام حسين لکيو ته اسان پسند جي شادي جي حمايت ڪري نٿا سگهون، بابو محمد صديق خاصخيلي ڪيس ۾ نامزد جوابدار پوليس مٿان مارجڻ کي جعلي مقابلو قرار ڏنو، ڪامريڊ لياقت لکيو ته ٽئي جوابدار گرفتار هئا پوليس تحويل ۾ هئا، گلشن لغاري لکيو ته ان کي ايترو آسان موت، علي پلهه به جعلي مقابلو قرار ڏنو، شاهنواز لغاري لکيو ته ان جو حل اهو ئي آهي، شفقت عباسي لکيو ته فل فراءِ ٿي ويو، سيفي ابڙو لکيو ته اهو عدالت کان مٿانهون قتل آهي، زهره نظاماڻي لکيو ته ڀلو ٿي ويو، ممتاز هاليپوٽو لکيو ته ظالم سان پوليس اهو ڀلو ڪيو، ساجده ميمڻ لکيو ته پوليس کي ان ڪيس ۾ فائدو نه هو، چار گوليون سرڪار جون ختم ٿيون، قصو ختم، غلام مصطفيٰ هاشمي لکيو ته پوليس فيصلو ڪري ڇڏيو، زاهد علي ڀٽو لکيو ته اهو ڪوڙو مقابلو آهي، مصطفيٰ شر لکيو ته اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته پوءِ عدالتون ڇا لاءِ آهن باقي ؟ اسد شر لکيو ته اهو ته قانون کان مٿانهون قتل هو، احمد شاهد شر لکيو ته افسوس ٿيو جوابدار کي عدالت مان سزا ملڻ گهرجي ها، سعيد گهوٽو ۽ علي نواز کوسو لکيو ته پوليس سٺو ڪم ڪيو.