ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي) نيب ڪراچي جي اسڪيم 33 ۾ 129 ايڪڙ زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ بابت جاچ مڪمل ڪري بورڊ آف روينيو جي اڳوڻي ميمبر غلام مصطفي ٰڦل ۽ ثاقب سومرو سميت 8 ڄڻن خلاف احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو، ريفرنس ۾ غلام مصطفيٰ ڦل، ثاقب سومرو کانسواءِ افتخار ملڪ، جاويد اقبال، انور علي افتخار، مختيارڪار علي اڪبر ۽ ناظم امين کي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آھي، نيب ريفرنس ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته جوابدارن گڏيل ملي ڀڳت سان ڪراچي جي اسڪيم 33 واري علائقي ۾ قانون جي خلاف ورزي ڪندي 129 ايڪڙ زمين غير قانوني طور الاٽ ڪئي، جنھن جي نتيجي ۾ قومي خزاني کي ھڪ ارب 54 ڪروڙ 74 لک 80 ھزار رپين جو نقصان پھتو.