دادو (رپورٽر) ڪيٽي جتوئي ۾ جتوئي ۽ شاهاڻي برادري جي ڌرين ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ دوران اهم اڳڀرائي ٿي وئي آهي. دادو پوليس پاران ڪيٽي جتوئي ۾ جي ڊي اي اڳواڻ مرتضي جتوئي کي ڪيٽي جتوئي بنگلي جو قبضو ڏيڻ کانپوء مرتضيٰ جتوئي جي لانڍين ۽ زمين تي قبضو ڪري ويٺل شاهاڻي برادري جا سوين هٿياربند ماڻهو لانڍين ۽ زمين تان قبضو ختم ڪري واپس هليا ويا آهن، ان سلسلي ۾ دادو پوليس اهم ذريعن پاران ڏنل ڄاڻ موجب ڪيٽي جتوئي ۾ شاهاڻي برادري جي ٻن ڳوٺاڻن منٺار ۽ طالب حسين شاهاڻي قتل کانپوء شاهاڻي برادري جي ماڻهن لانڍين ۽ زمين تي قبضو ڪيو هو پر جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي جي بنگلي تي پوليس ويٺل هئي پير پاڳاري، مير منظور پنهور ۽ ٻين برادرين جي ٽياڪڙي کانپوء مرتضي جتوئي ۽ چاڪر خان شاهاڻي پاران فيصلي تي راضپو ظاهر ڪرڻ کانپوء ايس ايس پي دادو اعجاز احمد شيخ ڪيٽي جتوئي وارو بنگلو جي ڊي اي اڳواڻ مرتضي جتوئي حوالي ڪيو ۽ ان کانپوء شاهاڻي برادري جا هٿياربند ماڻهن لانڍين تان قبضو ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب پير پاڳاري توڙي مير منظور پنهور ، مرتضي جتوئي ۽ چاڪر خان شاهاڻي کان ڪنهن به قسم جي اڳرائي نه ڪرڻ جي ضمانت ورتي آهي، ان سلسلي ۾ اهو به معلوم ٿيو آهي ته عيدالاضحي کانپوء مير منظور پنهور ۽ ٻين سردارن جي سر پئچي ۾ ٻنهي ڌرين ۾ فيصلو ٿيڻ جا امڪان پڻ ظاهر ڪيا پيا وڃن. ايس ايس پي دادو اعجاز احمد شيخ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ڪيٽي جتوئي ۾ امن امان جي صورتحال ضابطي هيٺ آهي ، ڪا به فائرنگ وغيره ناهي ٿي صورتحال بهتر آهي.