ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) نواز ليگ سان لاڳاپيل اڳوڻي صدر ممنون حسين جي بِنا سرڪاري پروٽوڪول جي ڪراچي ۾ آلين اکين سان تدفين ڪئي وئي. ممنون حسين جي ڪالهه ڊفينس واري علائقي جي مسجد ۾ مفتي تقي عثماني جنازي نماز پڙهائي. آخري رسمن ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، اڳوڻي گورنر محمد زبير، احسن اقبال، پ پ اڳواڻ وقار مهدي، مختلف سياسي اڳواڻن ۽ واپارين شرڪت ڪئي.