لوليا ونتور سلمان خان کي انسانيت لاءِ مثال قرار ڏئي ڇڏيو

0
1013

ممبئي(شوبز نيوز) رومانوي گلوڪارا لوليا ونتور سلمان خان کي انسانيت لاءِ مثال قرار ڏئي ڇڏيو. گلوڪارا سلمان خان سان فلم رادهي ۾ گڏ ڪم ڪيو، رادهي جي پروڊڪشن دوران لوليا ونتور سلمان خان جي حوالي سان چيو ته سلمان خان سان گڏ ڪم ڪري سٺو لڳو، سٺو انسان آهي. هن چيو ته هو نه رڳو سڀني جي مدد ڪري ٿو پر سندن ڀرپور خيال پڻ رکي ٿو. هن چيو ته بالي ووڊ ۾ اچڻ جو ڪوبه ارادو نه هو پر قسمت کڻي آئي. هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ ڏکي ڳالهه هندي ٻولي ڳالهائڻ هئي.