لنڊن: 80 ارب رپين جو پيزا کائڻ سبب برطانوي شهري مشهور

0
281

لنڊن: 80 ارب رپين جو

لنڊن (انٽرسٽنگ نيوز)  لازلو نالي هڪ همراهه 80 ارب پاڪستاني رپين جي برابر رقم جو پيزا کائڻ لاءِ مشهور آهي ۽ اڄوڪو ڏينهن (22 مئي) سندس ئي نالي سان ملهايو ويندو آهي

2010  ۾ همراهه گهرڀاتين کي پيزا کارائڻ جو منصوبو ٺاهيو ۽ هن جو منصوبو هو ته سندس اڪائونٽ ۾ موجود هزارين بٽ ڪوائنز مان پيزا خريد ڪري

هن اعلان ڪيو ته جيڪو کيس ٻه وڏا پيزا گهر پهچائيندو اهو سندس اڪائونٽ ۾ 10 هزار بٽ ڪوائن موڪليندو. سندس آڇ کي جيريمي نالي نوجوان قبول ڪيو ۽ 10 هزار بٽ ڪوائنز جي بدلي ۾ کيس در تي اچي پيزا ڏئي ويو

ان وقت بٽ ڪوائنز جي قيمت وڏي ڪونه هئي پر بعد ۾ هڪ بٽ ڪوائن جي قيمت 65 هزار ڊالر ٿي وئي هئي ۽ اهڙي ريت سندس خريد ڪيل پيزا جي قيمت 80 ارب پاڪستاني رپين کان وڌيڪ ٿي وئي هئي، جنهن تي کيس پڇتاءُ به ٿيندو آهي پر خوشي به ٿيندي آهي ته هو انهيءَ ڳالهه جي ڪري مشهور ٿي ويو