ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ ڀرسان سنڌي ٻٽڙا ۾ خوراڪ کاتي جي ٽيم جو سيڪريٽري، ڊي ايف سي منصور ميراڻي،  فوڊ انسپيڪٽر مرتضيٰ ٻٽ جي اڳواڻي ۾ ڪارخانيدار عبدالحڪيم ڀرٽ جي رائيس مل تي ڇاپو هنيو، جتي ٽيم ڪڻڪ جا گدام تحويل ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، جتي رائيس مل مالڪ  ملازمن پاران ڪڻڪ جي گدامن جا تالا  نه کولڻ تان ڪارخانيدار عبدالحڪيم ۽ سندس ملازمن سان ڇڪتاڻ بعد خوراڪ کاتي پاران پوليس طلب ڪري ڪارخانيدار عبدالحڪيم ڀرٽ کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران ڪارخاني مالڪ پنهنجن ماڻھن ذريعي  خوراڪ کاتي جي ٽيم سان  سخت مزاحمت ڪئي، بعد ۾ وڌيڪ پوليس نفري طلب ڪري عملدارن رائيس مل سيل کي سيل ڪيو ويو، جڏهن ته خوراڪ کاتي جي ٽيم تي حملي جا پڻ اطلاع آھي.