ملير ( رپورٽر ) ملير ۾ بدفعلي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيل  نينگر  واري واقعي جي جاچ لاءِ نيئن ڪاميٽي قائم: وارثن   پاران ريلي، ان ڏس ۾ ملير جي ماروي ڳوٺ ۾ هفتو اڳ زيادتي بعد گهٽا ڏئي ڳلو ڪپي قتل ڪيل معصوم ٻالڪ شاڪر سيٺار جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف نينگر جي والد عبدالرشيد سيٺار ۽ عبدالشڪور سيٺار ايس ايس پي جاچ عارب مهر سان ملاقات ڪري پوليس جي شڪايت ڪئي، هنن وڌيڪ چيو ته گرفتار جوابدار بالاچ ڪورائي جي مائٽن پاران ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، اهڙي شڪايت تي ايس ايس پي جاچ پاران  ڊي ايس پي (جاچ) ملير احسان جٽ جي اڳواڻي ۾ چار رڪني جاچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، ان سلسلي ۾ جاچ ٽيم جي ميمبر انسپيڪٽر غلام مجتبيٰ باجوه رابطو ڪرڻ تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته نئين جاچ ٽيم مقتول ٻالڪ جي وارثن سان ملاقات ڪري کانئن بيان وٺندي، هن چيو ته لائبريري مالڪ فياض پٺاڻ، سندس پٽ فيصل سميت 18 ڄڻن جا ڊي اين اي سيمپل ليبارٽري موڪليا آھن، نتيجا اچڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو، ٻئي طرف مقتول شاڪر سيٺار جي وارثن ۽ حسيب گرامر پبلڪ اسول جي شاگردن ۽ استادن قاتلن جي گرفتاري لاءِ ماروي ڳوٺ کان ملير پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي  ڌرڻو  هنيو

سکر (بيورو رپورٽ) ڪراچيءَ ۾ بدفعليءَ  بعد بيدرديءَ سان قتل ٿيل معصوم نينگر شاڪر سيٺار جي وارثن پاران قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. ڪراچي پوليس خلاف شديد نعريبازي، جوابدارن جي فوري گرفتاريءَ جو مطالبو. ان موقعي تي ڊاڪٽر نويد مھر، شائستا کوسو، ڪامريڊ امداد مھر، ذوالفقار سيٺار، محمد علي سيٺار، عمران سيٺار ۽ ٻين ميڊيا نمائندن سان ڳالھائيندي چيو ته وحشي جوابدارن معصوم نينگر شاڪر علي سيٺار کي ڪراچيءَ ۾ لائبريريءَ اندر جنسي هَوس جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ بيدرديءَ سان قتل ڪيو. شاھ لطيف ٿاڻي جو ايس ايچ او ممتاز مروت ھٿ وٺي ڪيس خراب ڪري رھيو آھي. پوليس جوابدارن جي ساٿاري بڻيل آھي. هنن جو چوڻ هو ته سياسي معاملن جو نوٽيس وٺندي عدالتون رات 12 وڳي کان پوءِ به کلي ٿيون وڃن، ته هن معصوم جي خون سان انصاف ڇو نٿو ٿئي. ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽آءِ جي سنڌ جو ڌيان ڇڪائيندي اپيل ڪئي ته معصوم نينگر شاڪر علي جي بي رحماڻي قتل جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏياري وڃي.