لفٽ ڏيڻ جي بھاني ٻن ڇوڪرين سان زيادتي، رستي ۾ اڇلائي فرار

0
607
ملير۾ راشن وٺي ڏيڻ

بھاولپور (ڊيسڪ رپورٽ) بھاولپور ۾ موٽرسائيڪل سوارن ٻن ڇوڪرين کي اغوا ڪرڻ بعد زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ ٻنھي کي رستي ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا، پوليس موجب دھوڙ ڪوٽ جي علائقي لوھاري جي رھواسي سيمرا بي بي پنھنجي دوست اميما بي بي سان گڏ سودو وٺي پيدل گھر وڃي رھيون ھيون تھ رستي ۾ موٽرسائيڪل سوار محمد اظھر ۽ محمد صديق ڇوڪرين کي گھر تائين ڇڏڻ جو ڏٽو ڏئي اغوا ڪري ويا ۽ اڻڄاتل ھنڌ تي ٻنھي کي زبردستي زيادتي جو نشانو بڻايو۽ بعد ۾ ٻنھي کي رستي ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا، پوليس موجب زبردستي زيادتي جو نشانو بڻجندڙ سيمرا جي والد جي مدعيت ۾ ٿاڻي دھوڙ ڪوٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو.