حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي لطيف آباد واري علائقي جي بي سيڪشن ٿاڻي جو اي ايس آءِ غلام نبي سولنگي شگر جي بيماري ۾ مبتلا هئڻ سبب اوچتو بيهوش ٿي ويو جنهن کي علاج لاءِ وارثن ابتدائي طور ڀٽائي اسپتال ۽ بعد ۾ هلال احمر اسپتال ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي. اي ايس آءِ جي وارثن مبينا الزام هنيو آهي ته بيمار اي ايس آءِ ٿاڻي جي ايس ايچ او اقبال عباسي کان موڪل گهري هئي پر ايس ايچ او کيس موڪل نه ڏني جنهن ڪري هن جي حالت خراب ٿي وئي آهي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او اقبال عباسي بيمار اي ايس آءِ جي وارثن جا الزام رد ڪندي ٻڌايو ته ڪالهه شام جو اي ايس آءِ غلام نبي سولنگي پيٽرولنگ دوران کيس ٻڌايو ته طبعيت خراب آهي جنهن بعد هن کيس موڪل ڏئي گهر روانو ڪري ڇڏيو هو جنهن کانپوءِ کيس خبر نه آهي ته هن جي حالت ٻيهر ڪنهن وقت خراب ٿي آهي. هن چيو ته ڄاڻايل اي ايس آءِ شگر جو مريض آهي ۽ پاڻ به شگر ۾ مبتلا هئڻ سبب مريض جي ڪيفيت سمجهي ٿو ان لاءِ هن اي ايس آءِ کي موڪل ڏئي سندس جاءِ تي ٻئي اي ايس آءِ عارف کي پوليس موبائيل ۾ گشت جي ڊيوٽي تي لڳائي ڇڏيو آهي.