گپچاڻي (ن پ ا) گپچاڻي ڀرسان ڳوٺ محمد بخش مگسي ۾ عدالتي حڪم تي گپچاڻي پوليس زميندار اصغر مگسي جي زمين تي ڇاپو هڻي هاري اڪبر ڀيل جي 4 گهرڀاتين جن ۾ سندس گهرواري ڀڳتي، 8 سالن جي سُندر ڌيءُ اڪبر ڀيل، 10 سالن جي وزير ۽ 13 سالن جي ڪويتا کي زميندارجي قيد مان بازياب ڪرائي ٿاڻي تي وٺي آئي. مٺو ڀيل پٽ اميدو ڀيل سيشن جج شھيد بينظيرآباد جي عدالت ۾ پنهنجي وڪيل معرفت درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ هن ڄاڻايو هو ته سندس گهرڀاتين کي زميندار اصغر مگسي ڏيڊ سال کان قيد ڪيو آھي. هوڏانهن رابطي تي زميندار اصغر مگسي ٻڌايو ته اڪبر ڀيل وارن وٽ منهنجو زمين جو قرض رهيل آھي باقي قيد ڪرڻ وارو هنن ڊرامو ڪيو آھي. ٻئي پاسي گپچاڻي جي ايس ايچ او ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي ڪارروائي ڪري هارين کي بازياب ڪرايو آهي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.