ڪوٽڙي (رپورٽر) سي آء اي پوليس ڄامشورو ۽ ڪوٽڙي سائيٽ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪري ڪار لفٽر گروھ کي مقابلي بعد گرفتار ڪرڻ جي دعوي’ ڪئي آهي، سي آء اي پوليس ڄامشورو موجب ٽن ڪار ڦورن کي گرفتار ڪري وٽانئن ٻه ڦر ٿيل ڪارون ۽ هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. ڪوٽڙي سائيٽ پوليس ۽ سي آ۽ پوليس ڄامشورو گڏيل ڪارروائي ڪندي نيشنل ھاء وي ٺٽي روڊ تي نئين باراڻ وٽ گشت دوران 2 ڪارن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن تي مبينا ڦورو پوليس کي ڏسي فرار ٿيڻ لڳا، پوليس پاران پيڇو ڪيو ويو ته جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، جنھن کان پوء مبينا مقابلو بعد ٽن جوابدارن دادن رند، شيراز بلوچ ۽ ديدار رند کي گرفتار ڪيو ويو ۽ وٽان ٽي پسٽل ۽ چوري ٿيل 2 ڪارون ھٿ ڪرڻ جي دعواي ڪئي وئي آھي. جوابدارن مٿان پوليس سان مقابلي ۽ ڪار لفٽنگ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.